اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن کان چونڊ خرچ جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ خرچن جا گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊيل سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن 11 مارچ کان اڳ جاري ڪيو ويندو.
216