188

ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب پاڪستان سپر ليگ 6 ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن کي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران پي ايس ايل 6 ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب 20 فيبروري کان شروع ٿيل ليگ کي ملتوي ڪيو ويو آهي. پي سي بي ۽ ٽيم مالڪن وچ ۾ ٿيل ورچوئل گڏجاڻي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ 6 کي ترت ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته پرڏيهي رانديگرن جي هٿ کڻڻ سبب ايونٽ ملتوي ڪيو ويو. پي سي بي مطابق پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن دوران 7 رانديگر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا، جنهن سبب ڪراچي ڪنگز جو رانديگر ڊين ڪرسٽين پي ايس ايل ڇڏي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو