304

واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي…!!!

ليکڪ: زين سولنگي

شيخ اياز ڌرتيءَ جو هڪ مهان ڏات ڌڻي ۽ ڪوتاڪار آهي، شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو بانيڪار آهي جنهن پنهنجي شاعراڻي عظمت جي ٻاجههَ ۾ پنهنجو تخليقي سفر شروع ڪيو ، جنهن ڏات ۽ حيات جو پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت ئي فڪري انداز ۾ اظهار ڪيو آهي . جيڪو انسان کي تخليق جي مٿاهين پد تي ويهاري ٿو . جيڪو انسان کي عظمت جي بلندين تي ڏسڻ چاهي ٿو . اياز انسانيت جو علمبردار به آهي ته انسان دوستي ۽ حب الوطني جو اعليٰ مثال به آهي . اياز آدرشي انسان ۽ تخليقڪار به آهي جنهن جي تخليق جي اڏار پاتار کان پولار تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي . جيڪو انسان زات جي بقا ۽ بهتري ، سک سلامتي لاءِ لڇندو رهيو . اهڙي لوڇ جو اظهار هو پنهنجي تخليقي انداز ۾ هن ريت ڪري ٿو ۽ انسان کي ماريندڙ انسان کي ، حيوان ۽ نادان سڏي ٿو ۽ کيس وَرُ وَرُ ڪري چوي ٿو ته تون انسان جو ٻچڙو آهين ته ڌرتيءَ تي انسان ٿي گذار ۽ انسانيت جو احترام ڪر. اياز مظلومن جو ساٿاري آهي ، هو ظالمن جي اکين ۾ اکيون وجهي سچ چوي ٿو . هو انسان کي انسان تي ظلم ڪندي ڏسي ٿو ته ماٺ رهي نه ٿو سگهي ۽ چوي ٿو؛

او  انسان  !

او  انسان  !

ڪنهن کي ٿو مارين !

هي  جو ماڻهو  جو    ٻچڙو  آ ،

هِي جو پٿر کان ڏاڍو آ ،

ڪونپل  کان ڀي ڪچڙو آهي .

او  حيوان  !

او  حيوان  !

ڪنهن کي ٿو مارين  !

هن جو توسان وير به ڪهڙو  ،

هن  جو ديس  به ساڳي  ڌرتي ،

هي  به ته ماڻهو آ توجهڙو .

او نادان  !

او نادان  !

ڪنهن کي ٿو مارين  !

اياز جي پنهنجي ڌرتي سنڌ سان بي انتها محبت هئي، سنڌ جي مٽي، سنڌ جون ڍنڍون، سنڌ جا جبل ، سنڌ جا پکي، سنڌ جا ماڻهو مطلب ته هر اها شيءِ جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي ، اها اياز جي شاعريءَ جو اهم موضوع آهن، شعرن ذريعي جاڳرتا جو جوش بخشيندڙ ، سنڌ جو مهان ڪوي جنهن وٽ لفظن جو خزانو هيو . هڪ دلير انسان جنهن ڪڏهن به پابندي جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ، هر مشڪل کي بهادريءَ سان منهن ڏنائين . هن جي شاعريءَ ۾ اهڙو ته اثر آهي جو هر دل تي حڪمراني ڪندي پئي رهندي . شيخ اياز جي شاعري جهر جهنگ ، وستي واهڻ ۾ شهرت ماڻي،  جتي به جديد شاعريءَ جو ذڪر نڪرندو اتي شيخ اياز جو نانءُ کڻڻ کانسواءِ اڌوري نظر ايندي، هي اهو شاعر هو جنهن ديس جي سونهن سان گڏ ان جي تتل ڏينهن ۽ اڪن کي به پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو . شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ نغمگي ، غنائيت ، موسيقيت ۽ گهرائيءَ کان علاوه فڪر جي وسعت ڪمال جي آهي، شيخ اياز قديم توڙي جديد شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين، سنڌي ڪلاسيڪي بيت ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين، عروضي وائي لکڻ جو پهريون ڪامياب تجربو به اياز ڪيو ۽ ان کان سواءِ ڪافي نيون صنفون پڻ متعارف ڪرايائين، جن ۾ آزاد نظم، نٿري نظم ، هائيڪو ، ڏيڊ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن، اهڙي نموني پاڻ ويهن صنفن کان مٿي شعري صنفن ۾ شاعري ڪئي اٿائون، شيخ اياز نثر توڙي نظم ۾ ڪمال جو لکيو آهي، سندس ڪتابن ۾: سفيد وحشي ( ڪهاڻيون ) 1947ع، اسان جي سنڌ ( ڪهاڻيون ) 1947ع ، پنهل کانپوءِ ( ڪهاڻيون ) 1954ع ، بوي گل ناله دل (اردو شاعري ترتيب آفاق صديقي ) 1954ع ، اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني ( شاعري) 1956ع ، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ( خطن جو مجموعو) 1963ع ، بقول اياز ( تقريرون ) 1963ع ، شاهه جو رسالو ( منظوم اردو ترجمون ) 1963ع ، ڪلهي پاتم ڪينرو ( شاعري) 1963ع ، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ( شاعري) 1970ع ، وڄون وسڻ آيون ( شاعري) 1973ع ، ڪپر ٿو ڪن ڪري ( شاعري) 1975ع ، لڙيو سج لڪن ۾ ( شاعري) 1980ع ، پتڻ ٿو پور ڪري ( شاعري) 1980ع ، ٽڪرا ٽٽل صليب جا ( شاعري) 1984ع ، پن ڇڻ پڄاڻان ( شاعري) 1985ع ، جڳ مڙيوئي سپنو ( آتم ڪٿا) 1985ع ، واٽون ڦلن ڇانئيون ( شاعري) 1985ع ، چنڊ چنبيلي ول ( شاعري) 1985ع ، رڻ تي رم جهم ( شاعري) 1986ع ، ساهيوال جيل جي ڊائري ( نثر) 1986ع، ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ( اوپيرا) 1986ع، خط انٽرويو، تقريرون ( جلد هڪ نثر ) 1986ع، راڄ گهاٽ تي چنڊ ( شاعري) 1987ع، بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي ( شاعري) 1988ع، اڪن نيرا ڦليا ( شاعري) 1988ع، ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون ( يادگيريون ) 1989ع، جهڙ نيڻان نه لهي ( شاعري) 1989ع، اڀر چنڊ پس پرين ( شاعري) 1990ع ، هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن (شاعري) 1991ع خط انٽرويو، تقريرون 2 ( نثر ) 1991ع، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ( شاعري) 1991ع، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن 2 ( شاعري) 1991ع، ننڊوليون (شاعري) 1993ع، سر لوهيڙا ڳڀيا ( شاعري) 1993ع ، سورج مکي سانجهه ( شاعري) 1993ع ، ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون ( شاعري) 1993ع ، جي ڏيئا جهمڪن ( شاعري) 1993ع ، هرڻ آکي ڪيڏانهن ( ساعري) 1994ع ، ڪٿي نه ڀڄبو ٿڪ مسافر 1 ( آتم ڪٿا) 1995ع ، تون ڇپر تون ڇانو ( دعائون ) 1995 ، چنڊ ڳليون ( شاعري) 1995ع ، گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾ ( شاعري) 1996ع ، ڪٿي نه ڀڄبو ٿڪ مسافر 2 ( آتم ڪٿا ) 1996ع ، سانجهيءَ سمنڊ سپون ( شاعري) 1996ع ، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن 3 ( شاعري) 1996ع ، اٿي اور الله سان ( دعائون ) 1997ع ، ڪونجون ڪرڪن روه تي ( شاعري) 1997ع ، ڪاري رات ڪهنگ ( شاعري) 1997ع وغيره وغيره آهن . شيخ اياز جي شاعريءَ جو اردو ترجمو فهميده رياض ” حلقه ميري زنجير ڪا “ 1974ع ۾ ڪيو ، ثقافت ۽ سياحت کاتي هڪ بهتر ڪم اهو ڪيو آهي هن شيخ اياز جا سمورا ڪتاب 15 جلدن ۾ شايع ڪيا آهن . شيخ اياز . شيخ اياز جي فن ۽ شخصيت تي تحقيق لاءِ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شيخ اياز چيئر قائم ٿيل آهي ، خبر ناهي ته ان چيئر ڪيترو ڪم ڪيو آهي ، هاڻ ته سنڌ حڪومت شڪارپور ۾ شيخ اياز جي نالي سان يونيورسٽي به قائم ڪئي آهي جيڪو پڻ سٺو سنئوڻ آهي پنهنجي ڌرتيءَ جي شاعر جي نالي سان ڪنهن يونيورسٽي جو نالو منسوب ڪرڻ . بس شيخ اياز کي هن نموني ياد ڪبو رهبو؛

واڪا  ڪندي  ووءِ صديون  تولاءِ  سنڌڙي !

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو