243

خدارا مسيحائي جو پيشو نه لڄايو…

ليکڪ: محمد خالد ميمڻ

مسيحا جو لفظ مسح مان نڪتل آھي جنهن جي معنا آھي هٿ گهمائڻ ۽ مسيحا جو مطلب آھي هٿ لائي شفا بخشڻ وارو، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي مسيحا چيو ويندو هو، جيڪو ڪنهن به بيجان يا بيمار انسان تي هٿ گهمائيندو هو ته اهو مردو جيئرو ۽ بيمار ٺيڪ ٿي ويندو هو، ان نالي جي نسبت سان هڪ ڊاڪٽر کي مسيحا ان ڪري ئي چيو ويندو آھي ته اهو به هڪ بيمار انسان جي طبيعت ڏسي ان جو علاج ڪري ٺيڪ ڪري ٿو ۽ اهڙا اڻ کٽ ڊاڪٽر ٿي گذريا آھن ۽ هن موجوده دؤر ۾ به مسيحا موجود آھن، جيڪي مريض جي طبيعت ڏسي ان جو علاج ڪري ان کي شفاياب ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ اهڙا بهترين احساس سان ڀرپور ڊاڪٽر پڻ موجود آھن جيڪي غريب مسڪين مريضن جي حالت کي ڏسي ان مطابق سندن علاج ڪن ٿا ۽ انهن غريب مريضن جي پنهنجي کيسي مان مدد پڻ ڪن ٿا، جنهن جو مثال منهنجي ئي شھر ڦل ۾ منهنجو ئي هڪ ڪلاس فيلو ڊاڪٽر ظفرالله ڦل آھي، جيڪو حقيقي مسيحا ڊاڪٽر آھي سندس مريضن سان شفقت ڀريو سلوڪ، سستيون دوائون لکڻ ۽ غريب مريضن کي پنهنجي کيسي مان دوائون وٺي ڏيڻ جو مان اکين ڏٺو شاهد آھيان ۽ اهڙا ڊاڪٽر ٻين شھرن ۾ به ضرور موجود هوندا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هن دور ۾ اهڙن مسيحائن جو تعداد تمام گهٽ پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترو وڃي بچيو آهي، جڏهن ته ڪاروباري ۽ مفاد پرست ڊاڪٽرن جي اڪثريت ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهڙا ڪيترائي علائقا جتي رڳو ڊاڪٽر جون ڪلينڪون، ليبارٽريون ۽ ميڊيڪل اسٽور ئي آهن ۽ اهڙين بازارن کي عام ٻوليءَ ۾ ڪاسائين جي بازار سڏيو ويندو آهي، ڊاڪٽر مريضن سان ڪاسائي واري ڪار ئي ڪندا آهن ۽ اهڙين حالتن جا به اسان سڀ اکين ڏٺا شاهد آهيون، ڇو ته اڪثر ڊاڪٽر مريضن تي هٿ نه پر ڇري هلائين ٿا ۽ انهن وٽ احساس نالي ڪا به شيءِ نه آهي، ڀلي مريض انهن اڳيان پنهنجي غريبي ۽ مسڪيني حال جون ڪيتريون به ڳالهيون سندن مٿان گذري وينديون آهن پر انهن کي بس پنهنجي مطلب ۽ پئسن جي ڳڻتي هوندي آهي ته مريض مان نيٺ پئسا ڪيئن ڪڍڻا آهن، ڀلي مريض ويچارو گهر جا ٿانو ئي ڇو نه کپائي ڇڏي پر ڊاڪٽر کي پنهنجي ڳري في ضرور وٺڻي آهي، اهڙن ڊاڪٽرن لاءِ افسوس سان مريض انسان نه پر پئسن واري مشين هوندا آهن، جيئن ڪاسائي کي هر صورت ۾ ڍور ڪهڻو هوندو آهي ائين ئي ڊاڪٽر کي هر صورت ۾ مريض وٽان پئسا ڦٻائڻا هوندا آهن، نه صرف ايترو پر اهڙاڊاڪٽر ضرورت هجي يا نه هجي ليبارٽرين سان ڳٺ جوڙ سبب مريضن جون ڳريون ٽيسٽون به ضرور ڪرائيندا آهن ۽ انهن کي اهڙين ڪمپنين جون دوائون به لکي ڏيندا آهن، جيڪي تمام مهانگيون هونديون آهن پر ڊاڪٽرن کي لاڳاپيل ڪمپنيون لکين رپين جا مالي فائدا ڏينديون آهن، ڊاڪٽرن کي ڪمپنيون آفيسن لاءِ اي سيون، گهرن لاءِ پڻ سامان ڏينديون آهن ۽ گڏوگڏ ٻاهرين ملڪن جي ٽوئرن جا خرچ به ڪمپنيون ڀرينديون آهن، ان ڪري اسان وٽ اهو رواج عام ٿي ويو آهي ته ڪو به ڊاڪٽر ٿورڙو به مشهور ٿيو ته اهو هڪ پنهنجي فيس وڌائي ڇڏيندو آهي ۽ مٿان وري اهو دوائن جي ڪمپنين حوالي ٿي ويندو آهي، نتيجي طور ان جا مريض بيحال ٿيندا ويندا آهن،  اهڙن ڊاڪٽرن کي نه خدا جو خوف هوندو آهي ۽ نه ئي وري انسانيت جو ڪو احساس، بس اهڙي مٺي ڇري هڻندا آهن جو مريض ويچارو پنهنجو پاڻ خوشي سان پيو ڪهائيندو آهي، منهنجو اهڙو تجربو تڏهن ٿيو، جڏهن آئون پنهنجي ڀاڻج امجد علي ميمڻ سان هاڻ لڳاتار هفتي ۾ 2 ڀيرا حيدرآباد جو چڪر هڻان ٿو، اخباري هاڪر امجد ميمڻ جو ساڄو پير شگر سبب خراب ٿي ويو آهي، هڪ ڊاڪٽر سندس پير جي هڪ آڱر بلڪل خراب هجڻ ڪري ڪٽي ڇڏي آهي ۽ هاڻ ان جي پٽي لاءِ هفتي ۾ 2 ڀيرا چڪر هڻندو آهي،  ڊاڪٽرن جون مخصوص اسٽورن تان دوا وٺڻ، مخصوص ليبارٽرين تان ٽيسٽون ڪرائڻ وارا حڪم ٻڌڻ بعد مجبورن چئي رهيو آهيان ته خدارا مسيحائي هڪ نعمت ۽ صفت آهي، اها پيغمبري صفت اوهان کان ڪجهه تقاضا ڪري ٿي ۽ اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ ان پيشي جو ڀرم رکڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو