192

ڪمينٽس ۽ لائڪس جي ور چڙهي ويل سنڌي ادب…

ليکڪ: ظهير لغاري

اڳ پڙهڻ سولو ۽ لکڻ ڏکيو ڪم هوندو هو.ڇاڪاڻ ته صرف پڙهڻ جي لاءِ ته هر ڪنهن جي پنهنجي مرضي هوندي هئي ته هو جيترو به پڙهي پر لکڻ لاءِ شرط اهو ئي هوندو هو ته تمام گهڻو پڙهڻ،ٿورو لکڻ.اڄڪلهه قصو ان جي بلڪل ابتڙ آهي.ڪو اديب وڏي مشڪل سان  کڻي سرسري نگاهه وجهي به ٿو ته ڪنهن جونيئر جي مواد تي مهاڳ لکڻ جي لاءِ نه ته اڄڪلهه پنهنجي کوڙ سارن اديبن کي بنا پڙهڻ جي مهاڳ لکڻ تي مهارت حاصل ٿي وئي آهي( بنا پڙهڻ جي مهاڳ لکڻ جي اعتراف جي اڃان باضابطه طور تي شاهدي ته نه ملي آهي پر مھاڳ ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿيو پوي ته مهاڳ ڌُڪي تي لکي پڙهندڙ جي مٿي تي ڌُڪو وهائي ڪڍيو ويو آهي) ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄڪلهه ڪهاڻي هجي يا ناول،شاعري هجي يا ادب جي ٻي صنف،ڪتاب کڻي پڙهو ته توهان کي لڳندو ته هي ڪتاب ته سڄي جو سڄو توهان جو اڳ ئي پڙهيل آهي.ورجاءَ يا روايتي موضوعن تي شايع ٿيل ڪتابن جي به انتها آهي. هتي پاڻ وٽ هر سوال جو ريڊي ميڊ جواب هر وقت حاضر آهي ته سنڌ اها ئي ساڳي، مسئلا به ٿوري گهڻي فرق سان تقريبن ساڳيا،لکاري به ساڳيا موضوع به ساڳيا گرائونڊ به ساڳيو،سو ورجاءُ ته ٿيندو! اهي سڀ عذر هڪ عام ماڻهو جي لاءِ ته ٿي سگهن ٿا پر تخليق ڪار يا تلميذ الرحمان به ايئن سوچي ۽ جواب ڏئي ته پوءِ گلشن جو خدا حافظ! ناول اڄ به يونيورسٽي جي رِنگ مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي.ڪهاڻي ۾ سڀ ڪجهه آهي سواءِ ڪهاڻي جي.آتم ڪٿا اڪثر ڪوڙ جو ڊاڪيومينٽ بڻجي وئي آهي،آتم ڪٿا ۾ محنت مزدوري ڪري ڪنهن منصب تي پهچڻ جو ذڪر ته وڏي فخر سان ڪيو ويندو آهي پر سچ پنهنجي باري ۾ لکڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪنهن سنگتي ساٿي جي باري ۾ به لکڻ کان  ايئن پرهيز ڪيو ويندو آهي جيئن انسولين تي هلندڙ شُگر جو مريض گلاب جامن کان پرهيز ڪري. شاعريءَ سان به ساڳئي ڪار آهي.ڪو اهڙو ڪتاب مشڪل سان ئي اچي ٿو جيڪو ڇرڪائيندڙ هجي، ڪتابن کي ايوارڊ هڪ مڪمل پلاننگ سان ڏنا وڃن ٿا،هن مضمون ۾ آئون سنڌ جي اديبن ۽ گهڻ پڙهيل دوستن کي هڪڙي گذارش ڪندس ته هو گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ سنڌي ۾ ڪنهن اهڙي ڪتاب جو نالو ٻڌائين جنهن کين ڇرڪائي ڇڏيو هجي؟ڪتابن جي شايع ٿيڻ جي رفتار تقريبن سج جي روشني جيتري آهي معيار جي ڪٿ ان مان ڪري سگهجي ٿي ته اڪثر ڪتاب پئسا وٺي به پڙهڻ جهڙا ناهن هوندا. تڏهن ته کوڙ سارن ليکڪن کي ملندڙ اعزازي ڪاپيون به ”جيءَ جي بدران جاري ۾ جاءِ“ والارين ٿيون.ايئن ڇو ٿي رهيو آهي؟ ليکڪ هڪ مخصوص چڪر ۾”آڻي نه نئين ته به سلهاڙي وتي ساٿ سان“ نڪو ڪو نئون خيال يا ڪتاب آڻي ٿو، نڪو ڪوئي ڪتاب خريد ڪري پڙهي ٿو بس ادبي سنگت ساٿ سان سلهاڙجي صرف ۽ صرف ڦيرا ئي ڇو ڏئي رهيا آهن؟ ڪنهن ڌاري ٻولي جو هڪڙو جملو آهي ته جنهن ليکڪ صرف هڪڙو ڏينهن پڙهڻ کان گُسايو ته هو هڪ مهينو پوئتي هليو ويندو.اڄڪلهه جو ليکڪ پنهنجي تخليقي قوت سان گڏوگڏ مطالعو ڪيترو ڪري ٿو سا ته سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي. ڪنهن به لکڻي جو فيڊ بئڪ به تمام ضروري آهي آهي پر اڄڪلهه جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا تي ڇڏيل هڪ غزل تي اڪثر دوستن ۽ ڪجهه لکارين جي ”واھ واھ“ آهي، جيڪڏهن ڪو رهائي پوکي وارو اديب آهي ته ان لاءِ گهٽ مان گهٽ به ٻه سو کن ڪمينٽس اچن ٿا. هاڻي اڪثر لکارين تي اهو ڄڻ فرض ٿيو وڃي ته هو هر هڪ جا ٿورا مڃي. ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي راءِ هڪ ”اُڌار جي ڀاڄي“ بڻجي وئي آهي جيڪو ڏيندو ان کي ئي ملندي.معيار شرط ناهي بدقسمتي سان اڄڪلهه سنڌي ادب لائڪس،ڪمينٽس ۽ شيئرز جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن کي جهجها ڪمينٽس ۽ لائڪس مليا سوئي مهان اديب.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو