170

ڪورونا دوران اميرن جي ڪمائي ۽ غريبن جي جياپي جو سوال…؟؟؟

ليکڪ: رياض ابڙو

دنيا جي روانيءَ ۾ جيتري رنڊڪ ڪورونا وڌي شايد ئي ايتري ڪنهن ٻي وبا وڌي هجي، هن وبا ماڻهن ۾ ايتري ته دهشت ويهاري جو ماڻهو ماڻهو کي نفرت ۽ حيرت سان تڪڻ لڳو، ماڻهو آفيسن ۽ گهرن ۾ بند ٿي ويا، پنهنجن تان به اعتبار کڄي ويو، جيتوڻيڪ هن سڄي ماحول دوران گهرڀاتين وچ ۾ ته شايد ڪو سوشل ڊسٽنس نه هو پر ماڻهو جڏهن گهر کان ٻاهر پير رکي پيو ته نڪ تي ماسڪ، آفيس ۾ سينيٽائيزر ۽ هينڊ گلووز ته ڄڻ زندگي جو حصو ٿي ويو هجي، شروعاتي ڏهاڙن ۾ پاڪستان اندر سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ انتظامن تان تڪرار پڻ ٿيو، هن وبا دوران جتي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، اتي ڪجهه دولتن ۾ واڌ پڻ ٿي ۽ ڪجهه دولتمند پنهنجا بزنس ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مٽائي ڪندا ۽ دولتون وڌائيندا رهيا، ملين جي تعداد ۾ ماڻهن حياتيون پڻ وڃايون، اهڙي صورتحال ۾ غريب ويتر غريب پڻ ٿيو، ناڪارا ڪٽن سبب ڪورونا جا ڪيس به وڌيا، ڪورنٽائين جهڙو لفظ به اسان جي عام ٻهراڙي جي ماڻهن تائين پهتو، ان جو انهن عملي مزو به ورتو ۽ ياد به ڪيو، ان صورتحال ۾ اهڙاماڻهو سڪون ۾ هئا جيڪي بزنسمين هئا، جن اهڙين شين جا ڪارخانا به هنيا جيڪي ڪورونا دوران به وڪري جو رڪارڊ رکنديون هيون، دنيا جي ملڪن جي صورتحال به مختلف هئي، يورپ جي ملڪن جو ساهه مٺ ۾ هو، اتي ڊيڊ باڊيز به مشينن ذريعي کنيون پئي ويون، آدم بيزار جي فنامنا هئي، آمريڪا شروعات ۾ ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ ٻين شين کان انڪار ڪيو ۽ بعد ۾ سڀني کان وڌيڪ سوڙهو به آمريڪا ٿيو، دنيا جي 60 امير ترين ملڪن ريسرچ ڪري وڏي پئماني تي ويڪسين تيار ڪرائي، جن ۾ آمريڪا، جاپان، چين، برطانيا، روس ۽ ٻيا امير ملڪ شامل هئا ۽ انهن امير ملڪن کي وري اهڙي ويڪسين غريبن کي مهيا ڪرڻ مجبور ٿي پئي، ڇو ته امير ملڪن کي ڪاروبار ته هلائڻو ئي انهن غريب ملڪن ۾ آهي، مثال طور سعودي عرب سميت عرب ملڪن ۾ ڊرائيور، پرسنل گارڊ، گهرن ۾ نوڪري چاڪري جا ڪم ته ڪن ئي غريب ملڪن جا ماڻهو ٿا، پوءِ جي اهڙن ماڻهن کي ويڪسين کان پري رکيو ويندو ته نقصان وري به امير اميرن جو ئي ٿيڻو آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي ويڪسين نه ملندي ته غريب ۽ امير ملڪن ۾ وٿي به وڌي ويندي، هڪ اندازو آهي ته 2020ع ۾ 200 کان 300 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا، اهڙي طرح غربت يا بيروزگاري سبب اڃا وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو به آهي، پر اهڙي صورتحال جي هوندي به دنيا جي بلينيئرز جي دولت ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي مارچ 2020ع کان ڊسمبر تائين 3.9 ٽرلين جي دولت ڪمائي ويٺا، ورلڊ اڪانامڪ فورم دنيا جي 10 دولتمند شخصن جي رپورٽ پڌري ڪئي آهي، جن ان عرصي ۾ 540 بلين ڊالرز ڪمايا، جن جي مجموعي دولت 11.9 ڊالر تي اچي بيٺي آ، جن 2020ع ۾ 11 سيڪڙو دولت وڌيڪ ڪمائي، انهن ۾ آمريڪا جون 25 چوٽيءَ جي ڪارپوريشنز به شامل آهن، هڪڙي آمريڪا جي ڪمپني اسپيس ٽيڪنالاجي انٽرپرينيوئر ۽ ايلون مَسڪ ۽ بيزوز (اميزون جو مالڪ) جن مان هڪ 128.9 بلين ۽ ٻئي 78.2 بلين جي حساب سان دولت ڪمائي، اتي ڀارت جي مڪيش امباني به ڪسر نه ڇڏي ان به پنهنجي دولت ٻيڻي ڪئي معني 78.3 بلين ڪمائي يا ڦٻائي ويو، آڪسفيم جي رپورٽ مطابق امباني رڳو مارچ کان ڊسمبر تائين پنهنجي ڪمپنيءَ جي 195000 ايمپلائيز جي ٻن سالن جي ڏهاڙين جي برابر رڳو چئن ڏينهن ۾ ڪمائي ويٺو، دنيا جي ايڪيهين امير ترين ماڻهو مان ڦري ڇهين نمبر تي اچي ويو، رڳو اتي نه پر دنيا جي ٻين خطن ۾ ساڳي اميرن جي ڪمائي جا ٺٺ رهيا، وچ ايشيائي ۽ آفريڪا جي امير ماڻهن به سٽا هنيا، جيتوڻيڪ سڀ ڪاروبار بند رهيا اتي هوائي جهازن جون اڏامون، وڏيون هوٽلون، وڏيون صنعتون به بند رهيون، پوءِ ان مان ثابت اهو به آ ته انهن ماڻهن جي خرچن کان ٻارن جي به سيونگ رهندي آئي ڇو ته ٽرلين جي حساب سان اهي ماڻهو پنهنجا اوور هيڊس به بچائيندا رهيا، جيڪي وري مارچ کان ڊسمبر تائين گهٽبا به رهيا. هڪ اندازي موجب دنيا ۾ ٻه ارب ماڻهو غربت واري زندگي گذارين ٿا ۽ انهن کي صحت جون سهولتون به اڻ پوريون آهن، جن مان ٽئين حصي کي سوشل ويلفيئر جهڙيون سهولتون به نه ٿيون ڏنيون وڃن، جن جي مٿان ڪورونا جي صورتحال قهر بڻجي ٽٽي، جن جي لاءِ ڪمائڻ ڪرڻ وڏو مسئلو رهيو، ان ڪري جي اهڙي صورتحال رهي ته پوءِ سياسي ۽ سماجي وٿي وڌندي ويندي، ورلڊ بئينڪ جي رپوٽ موجب اهڙا ماڻهو سڄي ڏينهن ۾ 5.50 ڊالر به ڪمائي نه ٿا سگهن انهن جي لاءِ پوءِ ته صحت ۽ سوشل سهولتون وٺڻ يا هجڻ عذاب آهن، جنهن جي لاءِ حڪومتن کي سيريس ٿيڻو پوندو نه ته ڳالهھ اڃا ڳنڀير ٿيندي ويندي، يو اين ڊي پي اهڙن 70 ملڪن جي نشاندهي ڪئي جن ۾ وائرس جي ڪري بيروزگاري جي شرح وڌي آهي، جيڪا ختم ٿيڻ سان ئي انهن جي جي ڊي پي تي مثبت اثر پوندا، نه ته اهي گذريل 40 سالن کان به ڪريل معيشت جو شڪار ٿيندا. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ اسان جي حڪومت به لفظي بيانن ۽ مخالف ڌر سان جهيڙن مان نڪري عملي ميدان ۾ اچي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ اهڙيون پاليسيون ۽ پروگرام کڻي اچي، جنهن سان گذريل هڪ سال دوران ٿيل نقصان جو ازالو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٿورو گهڻو رليف ملي سگهي، هونئن به محنت ڪش ۽ عام ماڻهو پاڪستان ۾ هر دور ۾ هر رليف کان گهڻو ڪري ته محروم ئي رهيو آهي، پر ماضي جي حڪومتن جو گهٽ ۾ گهٽ ايترو احسان ضرور آهي ته انهن مهانگائي تي ضابطو آندو آهي، موجوده حڪومت عوام کان ماضي ۾ ملندڙ اهو رليف به جبري طور کسي ورتو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن عام واهپي جي شين سميت خاص ڪري بجلي، پيٽرول ۽ گئس جا اگهه وڌائي رهي آهي، جنهن سان صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، ڇو ته هن حڪومت ۾ دوائن جا اگهه به ڏهوڻ تي وڌيا آهن، پاڪستان ۾ صحت جون سهولتون سرڪاري سطح تي ڪيتريون پائيدار آهن، اها سڀني کي خبر آهي، هاڻ ضرورت آهي ته ان ڳالهه جي ته عوام کي صحت، تعليم، پيٽروليم مصنوعات، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ اهڙي رعايت ڏني وڃي، جنهن سان عام ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ساهه تڳائڻ جو ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو