ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ ايوان بالا يعني سينيٽ جون چونڊون ٿي چڪيون آهن، ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي وڏي ڪاميابي ملي آهي ۽ حڪومت کي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي، گذريل ڏينهن ٿيل چونڊن ۾ مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته حڪومتي اتحاد جو اميدوار عبدالحفيظ شيخ 164 ووٽ کڻي هارجي ويو آهي، اهڙي هار ۽ جيت کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ حڪومت وٽ سادي اڪثريت نه هجڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن، ان حوالي سان گذريل ڏينهن ٿيل چونڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني کي حڪومتي اتحاد جا 9 ووٽ وڌيڪ مليا آهن، جڏهن ته 7 ووٽ خارج ڪيا ويا آهن، اهڙي طريقي سان ڏٺو وڃي ته حڪومت پنهنجا 16 ووٽ وڃايا آهن، تازين چونڊن کانپوءِ سينيٽ ۾ مخالف اتحاد جي سرسي ٿي وئي آهي ۽ انهن وٽ 53 ميمبر ٿي ويا آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ ان جي اتحاد 47 سيٽون کنيو آهن، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ مخالف ڌر يعني پي ڊي ايم اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسيمبلي تحليل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي ۽ کيس فوري طور تي اسيمبلي تحليل ڪري نيون چونڊون ڪرائڻ گهرجن، جڏهن ته نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز ان حوالي سان چيو آهي ته عوام جي چونڊيل نمائندن حڪمرانن کان حڪومت ڪرڻ جو اختيار واپس وٺي ڇڏيو آهي، هاڻ اهي استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃن، جڏهن ته پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کي جمهوريت بهترين انتقام آهي جي سري هيٺ ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ هن پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ٻي صورت ۾ کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، هوڏانهن حڪومتي ميمبرن چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻندي ووٽن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات واري شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي صلاحڪارن الزام هنيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ فروخت ٿي آهي، هنن چيو ته اسان اڳ ئي دانهون ڪيون پئي ته اوپن بيلٽ ذريعي ووٽنگ ڪرائي وڃي، پر اسان جي نه ٻڌي وئي، نيٺ وزيراعظم جا خدشا صحيح نڪتا ۽ اسان اڪثريت هوندي به ووٽن جي وڪري سبب هارجي ويا آهيون، هوڏانهن اهي پڻ خبرون هلي رهيون آهن ته حفيظ شيخ جي چونڊن ۾ هارجڻ بعد وزيراعظم ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ چيو آهي ته وزيراعظم ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو، اسان سمجهون ٿا ته هيءَ انتهائي فيصلائتيون گهڙيون آهن، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته حڪومت ۽ ان جي اتحادين حڪومت جي اميدوار کي ئي ناڪام نه ڪيو آهي پر بنيادي طور تي حڪومت جي پاليسين سان اختلاف رکندي ڄڻ ته عوام جو آواز بڻجي ويا آهن، چونڊن کان اڳ ئي حڪومت جي ڪجهه ميمبرن کليل نموني ۽ ڪجهه دٻيل آواز ۾ اها ڳالهه ڪندا آيا آهن ته حڪومت ۾ ويٺل من پسند وزير اسان جي هڪ به نٿا ٻڌن، جڏهن ته سينيٽ جي ٽڪيٽن جي حوالي سان به سڀ کان وڌيڪ اختلاف تحريڪ انصاف جا ئي سامهون آيا، اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان ۾ ٽئين نمبر وڏي پارٽي هجڻ باوجود اتان پي ٽي آءِ جو هڪ به سينيٽر نه چونڊيو ويو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته وزيراعظم جڏهن ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو ته پوءِ صورتحال ڇا ٿيندي؟ ڇا ڄاڻايل 16 ووٽ وزيراعظم جي به خلاف پوندا يا ان کان وڌيڪ ميمبر بي اعتمادي ظاهر ڪندا، يا وري وزيراعظم پنهنجو اعتماد بحال ڪرائي وٺندو اهو سڀ چوڻ وقت کان اڳ هوندو.