187

4 مارچ، سنڌي شاگردن جي جدوجهد جو ڏهاڙو….

ليکڪ: منان چانڊيو

اڄ کان 54 سال اڳ تنهن وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي تعليم دوست شاگردن جي هڏ ڏوکي ۽ فرض شناس وي سي حسن علي عبدالرحمٰن کي ان وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن جي چوڻ تي هٽايو ويو، اهڙي غلط عمل خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوين شاگردن وي سي جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن اهي شاگرد ڄامشورو پل تي پهتا ته پوليس سندن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ نتيجي ۾ 207 شاگرد زخمي ٿيا، انهن سڀني شاگردن کي پوليس گهليندي ۽ ڪٽيندي گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪري ڇڏيو، 4 مارچ 1967ع جي ان ڏينهن جا ڪيڏا نه ڀيانڪ ۽ دل ڏاريندڙ منظر هئا، جڏهن سفيد پوش، نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت نوجوانن اذيتون سٺيون، انهن مان اڳتي هلي ڪيترائي ڪامياب سياستدان، سائنسدان، دانشور، اديب، ليکڪ، شاعر، وڪيل، انجنيئر، ڊاڪٽر پروفيسر ۽ ٻين اعليٰ سول توڙي ملٽري عهدن تي پهتا، 4 مارچ واقعي تي شاگردن جي ضمانت ڪرائڻ وارن وڪيلن جي ٽيم ۾ رسول بخش پليجو پڻ هو، هن پنهنجي ڪتاب پسي ڳاڙها گل ۽ ڪورٽ ڪهاڻيون ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته اسان جڏهن وڪالت ۽ رليز وارا ڪاغذ تيار ڪري سينٽرل جيل جي ماڙي ۾ داخل ٿياسين ته هڪ ٺاهوڪو سنهڙو نوجوان ڦاٽل ڪپڙا، کنڊريل وار ۽ وڌيل ڏاڙهي ۽ اگهاڙن پيرن سان نرم پر باوقار آواز ۾ جيلر کي ڪجهه چيو پئي، اوچتو اسان ڏانهن لوڻو هنيو ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، مون کان به بي اختيار رڙ نڪري وئي، يوسف لغاري هن جي چهري تي هڪ دم جڳ موهيندڙ معصوم، پياري ۽ پنهنجائپ واري مرڪ ڇانئجي وئي، يوسف لغاري شاگرد يونين جو صدر هڪ ٻئي ساٿي پڇيو مون يوسف کي ڀاڪر پائيندي ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي، ڪل گهڻا؟ هن وراڻيو 207، زخمي گهڻا؟ گهڻي ڀاڱي سڀ، يوسف لغاري کانسواءِ مجيب پيرزادو انجنيئرنگ ڪاليج جو ڪامل راڄپر، ميڊيڪل ڪاليج جو اعجاز قريشي ۽ ٻيا ڪيترائي پيرين اگهاڙا شاگرد منهنجي اڳيان بيٺل هئا. پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو ته هن جي موجودگي ۾ هڪ نوجوان اچي سپرنٽينڊنٽ جي ڪرسي والاري ۽ سپرنٽينڊنٽ بيٺو رهيو، نئين آيل همراهه قيدين يعني شاگردن بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي، سندس گفتگو سئو سيڪڙو حاڪم جهڙي هئي، هن بار بار تخريب پسند انتظام، حڪومت، ذميوارين جا لفظ ائين پئي دهرايا ڄڻ اسان کي خطاب ڪندو هجي، هن جو انداز اسان ڏانهن ائين هو ڄڻ اسان به ڪنهن چڱي چال وارا قيدي هئاسين، مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ هي ماڻهو ڪٿي ڏٺو آهي، اوچتو مون کي فلم گنس آف يورآن وارو جرمن غيسٽاپو آفيسر ياد آيو، هي به ساڳي انساني مخلوق لڳي رهيو هو، اسان جڏهن هن جي تقرير کي اڌ ۾ ڇڏي اٿاسين ته ڏٺوسين ته هو ناراض ٿي پيو ۽ اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين، آئون شام جو گهر موٽيس، دستور موجب ماني کائڻ سان گڏ اخبار ڏسندو رهيس، منهنجي نظر پوئين صفحي تي ڄمي بيهي رهي، مون ان جا اکر وري وري پڙهيا، ڪوبه خاص زخمي ڪو نه ٿيو آهي، ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن، پر حالتون ٺيڪ ٺاڪ آهن، منهنجي اڳيان 207 شاگرد قيدين جا سڄيل مٿان، منهن، ڄنگهون، چٿيل ڄاڙيون، ڦٽيل پٺا ۽ ٻانهون ڦرڻ لڳيون، ڪو به خاص زخمي ڪو نه ٿيو آهي، ڪجهه گرفتاريون آهن، مون وري تلخي سان اها اخباري سرخي پڙهي ۽ ڪاوڙ ۾ اخبار اڇلائي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ساڳئي اخبار ۾ وڏين سرخين سان 207 قيدين جي ضمانت تي آزاد ٿيڻ جي خبر پڙهيم ۽ پوءِ اخبار ڦاڙهي پرزا پرزا ڪري ڇڏيم.

4 مارچ جو واقعو سنڌ جي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهد جي جديد تاريخ جي اهم ۽ وڏن مان هڪ اهم واقعو آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، سنڌي شاگردن جي مهاڏواٽڪائيندي قوم ۾ اتساهه، محبت ۽ شعور جا ڄڻ ته درياهه اوتي ڇڏيا هئا،  هونئن به تاريخ جا ڪي اتساهيندڙ شخصيتون،نظريا، ان لاءِ نه هوندا آهن ته انهن کي ماضي جي مزار ٺاهي مٿن ساوا پڙ وجهجن يا باسون باسي پير ڪري پوڄجي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن بي مثال ڪارنامن، عظيم شخصيتن ۽ لازوال نظرين مان گهربل اتساهه حاصل ڪري قوم پنهنجي مقصد جي واٽ کي چٽو ۽ واضح بڻائي اڳتي وڌندي رهي، جيئن سائنسي نظريي ۾ ويساهه رکندڙ دنيا جي سجاڳ قومن ڪيو، پنهنجي شاندار ۽ فخر لائق ماضي مان اتساهه حاصل ڪندڙ حال ۾ پنهنجو مقصد چٽو ۽ اٽل رکي جدوجهد جي واٽ تي پنهنئي پيرن تي بيهي مستقبل لاءِ هوشياري، سچائي سان اهي ڏينهن سارڻا پوندا، جن ڏينهن ۾ سنڌ جي وطن دوست، روشن خيال شاگردن ظالمن سان منهان منهن ٿي پنهنجي رت سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ بهتر بنياد وڌو، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ 4 مارچ تي شاگردن جي وهايل ان ريٽي رت جي ڪري ان ڏينهن جي اهميت تمام گهڻي آهي، پر ان کان اڳ انگريز سامراج خلاف هلايل آزادي واري تحريڪ دوران هيمون ڪالاڻي جي ڦاهي تي چڙهڻ ۽ ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ دوران سنڌ ۾ ڪيل جدوجهد ۾ پڻ سنڌي شاگردن پاڻ ملهايو آهي، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادري سنڌي قوم ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ نياڻي اختر بلوچ جو به شاندار ڪردار رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي تاريخ جي پهرين نياڻي هئي، جنهن اڪيلي سر بک هڙتال تي ويهي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ جون نياڻيون به پنهنجي قوم ۽ عوام لاءِ سنگهرو ٽوڙڻ ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ميدان ۾ پاڻ ملهائي سگهن ٿيون. بک هڙتالي ڪئمپ تان اختر بلوچ کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، جتي هن قيدياڻي جي ڊائري جهڙو انمول ڪتاب لکيو جڏهن ته ڄاڻايل جدوجهد کانسواءِ سنڌي شاگردن ايم آر ڊي واري جمهوري تحريڪ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف هلايل تحريڪن ۾ به پاڻ ملهايو، چوڻ جو مطلب اهو ته سنڌ تي جيڪي به مصيبتون آيون انهن جي خلاف سنڌي شاگردن بهتر ۽ منظم ڪردار ادا ڪيو پر افسوس جو اڄ جو شاگرد ان قومي ۽ عوامي معيار تي پورو نٿو لهي، اڄ اسان کي شاگردن جي ڪردار تي ويٽنام جي هڪ انقلابي شاعر( توئي دين ) جو هڪ انقلابي نظم ياد اچي ٿو. ياد رک تو وٽ تنهنجو عقل ۽ تنهنجو علم تنهنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آھن، پنهنجي علم کي پنهنجي وطن، قوم جي فٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر، پنهنجي حياتي جي پل پل سان قوم جي تاريخ ۾ سينگار پيدا ڪر.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو