279

سنڌ يونيورسٽي پاران نئين تعليمي سال جا ڪلاس 15 مارچ کان مرحليوار ھلائڻ جو اعلان

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران نئين تعليمي سال 2021ع تحت فزيڪل ڪلاس 15 مارچ کان مرحليوار ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو کانسواءِ مختلف ڪئمپسز جي فوڪل پرسنز، پي وي سيز، فيڪلٽيز جي ڊينز، شعبن جي چيئرپرسنز ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ خاطر خواھ گھٽتائي نه اچڻ ۽ سنڌ حڪومت جي اعلان تحت ڪلاسز ٻن مرحلن ۾ ھلائڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مطابق  پھرين مرحلي ۾ ٻئين ۽ آخري سال جا شاگرد 15 ڏينھن ڪلاس وٺندا،  اڳئين 15 ڏينھن ۾ پھرين ۽ ٽئين سال جا شاگرد پنھنجا ڪلاس وٺي سگھندا. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اسڪول ٽيچرز جي ھزارين ڀرتين واري اعلان طرف ڊاڪٽر عرفانه ملاح جي ڪيل نشاندهي تي مختلف شعبن جي فائنل جا امتحاني نتيجا جلد جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جو چوڻ هو ته نئين تعليمي سال 2021ع تحت فزيڪل ڪلاس 15 مارچ کان مرحليوار ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  صوبائي حڪومت جي ھدايتن تحت ڪلاسن جو شيڊيول تبديل ٿي سگھي ٿو، ھي حتمي شيڊيول ناھي، صوبائي حڪومت ڪو ٻيو فيصلو ڪيو ته ان تي عمل جا پابند ھونداسين. وي سي ڊاڪٽر ڪلھوڙو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ھن سال بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ 6 ھزار بجاءِ 9 ھزار داخلائون ڪيون ويون آھن، جڏهن ته شاگردن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. لاڳاپيل ڊينز ۽ چيئرپرسنز کي ھدايت ڪندي چيو ته  ڪلاس رومن ۾ صفائي سٿرائي کانسواءِ فرنيچر، لائيٽنگ ۽ پکن جو خاص انتظام ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو