بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هڪ چيني شهري پنهنجي اڳوڻي گرل فرينڊ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ويران ٻيٽ تي 15 هزار 500 آمريڪي ڊالر خرچ ڪري ان کي گلابي جنت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق چين جي هڪ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ نوجوان شيائوشو هڪ مهينو ڪيل محنت ذريعي پنهنجي اڳوڻي گرل فرينڊ سميت انٽرنيٽ واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نوجوان ڳوٺ ويجهو ويران ڍنڍ تي لڳ ڀڳ هڪ لک يون آن (15500 آمريڪي ڊالر) جي رقم خرچ ڪري عام منظر کي خواب نگر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. چيني شهري ڍنڍ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ويران ڍنڍ تي وڻ، جهولا، درياهه جبل جا انتظام ڪيا. شيائوشو ۽ ان جي اڳوڻي گرل فرينڊ 2018ع تائين گڏ رهيا پر نوجوان پنهنجي گهرڀاتين جي سار سنڀال لاءِ واپس ڳوٺ آيو پر ان جي گرل فرينڊ پاران ڳوٺ گڏ وڃڻ کان انڪار تي ٻئي جدا ٿي ويا. نوجوان پنهنجي گرل فرينڊ سان محبت ۾ گذريل سال پنهنجي اباڻي گهر ويجهو هڪ ويران ڍنڍ کي محبت جي اظهار لاءِ جنت جهڙي خوبصورتي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ۽ جڏهن هو پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پنهنجي ان گرل فرينڊ سان ان ڍنڍ جي ڪناري ملاقات ڪري ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر محبت جو اظهار ڪيو، پر گرل فرينڊ ٿورا مڃيندي سندس محبت کي ٺڪرائي ڇڏيو، پر اها گلابي جنت ڏسندي ئي ڏسندي سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي ۽ مقبول ٻيٽ ۾ تبديل ٿي وئي.
298