اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اڄوڪو اجلاس مختصر ترين رهيو، جيڪو رڳو 8 منٽن تائين جاري رهيو. اجلاس 11 وڳي ٿيڻو هو جنهن جو آغاز 11 لڳي 7 منٽن تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو جڏهن ته 11 لڳي 16 منٽن تي اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي وچ ۾ نعريبازي ٿي. اجلاس ۾ تلاوت، نعت رسول مقبول ۽ قومي تراني کانپوءِ مخالف ڌر جي ميمبرن جمهوريت زنده باد جڏهن ته حڪومتي ميمبرن ووٽ چور جا نعرا بلند ڪيا. اهو سلسلو ڪجهه دير تائين ايوان ۾ جاري رهيو. قومي اسيمبلي ۾ 25 نڪاتي ايجنڊا رکيو ويو هو تنهن هوندي به انهن مان تلاوت، نعت ۽ قومي تراني کانسواءِ ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تي 3 آرڊيننس، ڌيان ڇڪايو نوٽيس، آئين ۾ 26 هين ترميم جو بل، نيشنل ڪاليج آف آرٽس انسٽيٽيوٽ بل 2020ع، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سٽيزن بل 2020ع ۽ پريونش ۽ پروٽيڪشن بل 2020ع جي منظوري ۽ ڪيترين ئي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي رپورٽن کي پيش ڪرڻ شامل هو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو صدارتي حڪم نامو پڙهي ٻڌايو. اجلاس جو آغاز 19 فيبروري تي ٿيو هو جنهن ۾ مهانگائي تي بحث ڪيو ويو.
245