194

ڀارت ۾ بم ڌماڪي جي ڌمڪيءَ تي سياحتي ماڳ تاج محل کي بند ڪيو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ اختيارين بم ڌماڪي جي ڌمڪي ملڻ تي سياحتي ماڳ تاج محل کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق نامعلوم شخص ذريعي بم ڌماڪي جي ڌمڪي ملڻ تي انتظاميه تاج محل ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ سياحن کان احاطو خالي ڪرائڻ بعد ان کي بند ڪري ڇڏيو آهي. بم ڌماڪي جي خوف سبب آگره ۾ به افراتفري پکڙجي وئي آهي جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو