نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تڪراري زرعي قانون خلاف هارين جو احتجاج جاري آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هارين جي حمايت ۾ نوجوان فنڪار ۽ اداڪار پڻ احتجاج ۾ شامل ٿيا. چندي ڳڙهه جي چوڪ تي گلوڪارن گيت ڳائي ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪيو. هاري آبادگارن چيو ته ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيڻ وارو آهي، جڏهن ته ڀارتي هارين جو ڏکيائيون ختم نه ٿي سگهيون آهن، مودي سرڪار جي هڪ هٺي برقرار آهي. احتجاج ۾ شامل ماڻهن چيو ته احتجاج ۾ ڪلچرل پروگرام منعقد ڪري زرعي قانون جي حوالي سان ماڻهن ۾ ڄاڻ پيدا ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته دهلي ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ 26 نومبر کان هارين جو احتجاج جاري آهي. هاري اڳواڻن زرعي قانون جي واپسي تائين احتجاج جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي.
176