انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪ سيڪورٽي فورسز شاخ زيتون ۽ چشمه امن جي علائقي ۾ آپريشن ڪري ٻن دهشتگردن کي ماريو آهي. ترڪي جي دفاع واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب عليحدگي پسند دهشتگرد تنظيمن خلاف آپريشن جاري آهي، سيڪورٽي فورسز شاخ زيتون آپريشن جي علائقي ۾ حملي جي تياري ۾ مصروف داعش جي هڪ دهشتگرد کي ۽ هڪ ٻئي آپريشن ۾ چشمه امن جي علائقي ۾ پي ڪي ڪي، وائي پي ڪي جي هڪ دهشتگرد کي پنهنجي ارادي ۾ ڪاميابي کان اڳ ئي ماري ڇڏيو آهي.
237