218

بي اعتمادي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندي اهو اسين ٻڌائينداسين، هاڻ حڪومت بچي نه سگهندي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻي ڪٺ پتلي تماشو ۽ ناٽڪ نه هلندا، هاڻي فيصلا خان نه پر اسين ڪنداسين، هاڻي توهان کي ٻڌائينداسين ته بي اعتمادي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان اڳ ۾ ئي چيو هو ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چيئرمين ڪنداسين، اسان توهان جو مقابلو سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ به ڪنداسين، سينيٽ چيئرمين واري چونڊ به گڏجي وڙهنداسين ۽ کين ٽف ٽائيم ڏينداسين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان چيو هو ته اسان اها سيٽ کٽي وياسين ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين، پر عمران خان ڊڄڻو آهي، هو  چونڊن کان ڊڄي ٿو، هو اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڀڄي رهيو آهي ۽ هاڻي نئون اعتماد جي ووٽ جو نئون ناٽڪ سامهون آندو آهي، هاڻي فيصلا اوهان نه ڪندا، خان صاحب آئون اوهان کي ٻڌائيندس ته بي اعتمادي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندي، جيئن ئي پي ڊي ايم حڪم ڏيندي اسان عدم اعتماد ڪنداسين. هن چيو ته اسان سينيٽ جي چونڊ سياست ۽ لاڳاپن جي بنياد تي وڙهي، گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جن ووٽ ڏيڻ چاهيو پئي پر ڏئي نه سگهيا، حڪومتي بينچن تي جيڪي ماڻهو ويٺل آهن انهن جون دليون اسان سان گڏ آهن، توهان کي توهان جي ماڻهن رجيڪٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اسان حڪمرانن کي سک سان ويهڻ نه ڏينداسين، انهن ٽن سالن ۾ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، کين نه ڇڏينداسين، اسان عوام جو آواز پارليامينٽ تائين پهچائينداسين ۽ کين ٽف ٽائيم ڏينداسين. ان موقعي تي  ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز سان گڏجي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان کي اسان سڀني گڏجي هارايو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت جو وقت هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي. مريم نواز چيو ته عمران خان پنهنجي هارائڻ جي ذميواري ٻين تي نه مڙهي. عمران خان جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي، عمران خان جي تقرير هڪ هارايل ماڻهو واري تقرير هئي. عمران خان اڃان پاڻ کي ڪنٽينر تي بيٺل ئي سمجهي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين آئين ۽ قانون موجب ئي فيصلا ڪيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو