اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو فون تي رابطو ٿيو آهي. رپورٽن مطابق آصف علي زرداري سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي تي ٻنهي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڳالهه ٻولهه دوران مولانا فضل الرحمان کي چيو ته يوسف رضا گيلاني اسان جو گڏيل ۽ متفق راءِ سان اميدوار هو، ان جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي ڪاميابي آهي، هن اتحاد ذريعي عمران خان کي جلد اقتدار مان نيڪالي ڏينداسين. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسان حڪمت عملي سان حڪومت جي طاقتور اميدوار کي شڪست ڏني آهي، هاڻي اتحادين جي صلاح مشوري سان سينيٽ چيئرمين جي اميدوار جو فيصلو ڪنداسين. اڳوڻي صدر چيو ته حڪومتي ميمبر به اسان سان رابطي ۾ آهن، هو حڪومت مان تنگ آهي. ذريعن مطابق ٽنهي اڳواڻن پي ڊي ايم جي مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لانگ مارچ جي تيارين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم کان ترت استعيفيٰ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو .
134