اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف اين اي 75 ڊسڪا ۾ ٻيهر چونڊ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف اميدوار علي اسجد ملهي سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي اپيل ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پاران ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ 19 فيبروري جي اين اي 75 ڊسڪا جي چونڊ نتيجن کي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. علي اسجد ملهي جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو حقيقتن جي ابتڙ آهي، ڪميشن موجود رڪارڊ جو صحيح جائزو نه ورتو، تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جو ڪو جواز ناهي، ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطلب تڪ جي عوام کي ٻيهر امن امان جي صورتحال ۾ ڌڪڻ آهي، مخالف پهرين ئي ننڍي چونڊ ۾ شڪست کائي چڪا آهن. علي اسجد ملهي پٽيشن ۾ ن ليگ جي اميدوار نوشين افتخار، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي.
168