اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وبا سبب وڌيڪ 52 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1579 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 52 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا، فوت ٿيندڙن جو مجموعي تعداد 13 هزار 128 ٿي ويو آهي. 1579 وائرس سبب متاثر ۽ 1551 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڪورونا مريضن جي تعداد ۾ وري اضافو ٿيڻ لڳو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 579 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. وچڙندڙ وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي تعداد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 1500 کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن، ملڪ ۾ مجمووعي ڪرونا ڪيسن جو تعداد 5 لک 87 هزار 14 ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو تعداد 17 هزار 117 ٿي ويو آهي، اين سي او سي پاران سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 4.15 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 52 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو تعداد 13 هزار 128 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ سينٽر جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 5 لک 56 هزار 769 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 37 هزار 998 ٽيسٽ ڪيا ويا. هن وقت تائين ملڪ ۾ 91 لک 35 هزار 393 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن، سڄي ملڪ جي 735 اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 551 ڪيس ڳڻتي جوڳا آهن.
259