231

وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺي نه سگهيو ته ڪابينا فارغ ٿي ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڇنڇر تي وزيراعظم اعتماد وارو ووٽ وٺي نه سگهيو ته ڪابينا فارغ ٿي ويندي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اعتماد وارو ووٽ نه ملڻ تي ڪابينا فارغ ٿي وڃي ٿي ته عمران خان ايندڙ وزيراعظم جي چونڊ تائين ڪم ڪندو رهندو. هن چيو ته ادارا سينيٽ چونڊن ۾ غيرجانبدار رهيا، جڏهن ته آصف علي زرداري جي بيان ۾ صداقت آهي ته ان جي اندازي سان گهٽ ماڻهو وڪرو ٿيا. هن چيو ته پي ڊي ايم لانگ مارچ کان پهرين پنجاب طرف ويندي، اميد آهي ته پرويز الاهي عثمان بزدار سان گڏ بيٺل هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو