261

نمل يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 5 زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نمل يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد ڌرين وچ ۾ جهيڙي سبب هڪ شاگرد مارجي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽن مطابق نمل يونيورسٽي اسلام آباد ٻاهريان ٻن شاگرد ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ٿي پيو، جهيڙي دوران شاگردن هڪٻئي تي لتن، مڪن، پٿرن ۽ ڇرين جا وار ڪيا، نتيجي ۾ هڪ شاگرد عبدالحق مارجي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو. پوليس مطابق ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو