اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن بابت وزيراعظم ۽ ڪجهه ميمبرن جا بيان ٻڌي ڏک ٿيو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي گذريل ڏينهن ڏنل بيان جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته سينيٽ چونڊون آئين ۽ قانون مطابق ڪرائڻ تي رب جا ٿورائتا آهيون. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ نتيجن کانپوءِ ميڊيا ذريعي جيڪي خيال ۽ مشاهدا ٻڌڻ ۾ آيا انهن تي ڏک پهتو، خاص ڪري وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن جو خطاب ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته اي سي پي هڪ آئيني ۽ آزاد ادارو آهي، آئين ۽ قانون جنهن جي اجازت ڏئي ٿو اهو ئي اليڪشن ڪميشن جو معيار آهي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ خاطر آئين ۽ قانون کي نظرانداز ڪري نٿا سگهون ۽ نه ئي ترميم ڪري سگهون ٿا. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آئين ۽ قانون مطابق فيصلو ڪري ٿي ته جيئن پاڪستان ۾ عوامي جمهوريت کي هٿي ملي. اليڪشن ڪميشن مطابق اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته هڪ ئي ڏينهن تي هڪ ئي ڇت هيٺيان هڪ ئي اليڪٽرول ۾ هڪ ئي عملي جي موجودگي ۾ جيڪي هارائي ويا اهو نامنظور ۽ جيڪي کٽي ويا اهو منظور، ڇا اهو کليل تڪرار ناهي؟
