ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ اعليٰ گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي رينڪ لڳايو. وزيراعليٰ ھائوس ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھھ، انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق احمد مھر، گھرو کاتي وارو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ايڊيشنل جنرل پوليس (گريڊ بي ايس 21) ۾ ترقي حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن امين يوسفزئي،عارف حنيف ۽ فرحت جوڻيجو کي رينڪ لڳايو، جڏھن تھ پير محمد شاھھ کي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) جو رينڪ پڻ لڳايو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ترقي حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي واڌايون ڏيندي چيو تھ پروموٽ ٿيڻ کانپوءِ اوھان تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ پوليسنگ بھتر آھي پر ان کي وڌيڪ ديانتداريءَ ۽ محنت سان بھترين ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ مون کي اميد آھي تھ اوھان پنھنجي تجربي سان بھترين خدمت ڪري سگھو ٿا ۽ اوھان پنھنجن جونيئرز جي ڀرپور رھنمائي ڪندا. چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس پڻ ترقي حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي واڌايون پيش ڪيون.
276