ليکڪ: قاضي جاويد
اردوءَ جي ڪنهن شاعر جي عزل جو تمام گهڻو مقبول جملو آهي جنهن جا ٻول آهن ته ” شهر تو آخر اپنا هي “ چوڻ ۾ ڏاڍو آسان آهي پر عملي طور پنهنجي شهر جي مالڪي ڪرڻ يا ان جي مسئلن توڙي اتي رهندڙ ماڻھن جي پريشانين کان واقف رهڻ ظاهري طور ڏکيو عمل هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو هر ڪو ٻئي تي ڀاڙڻ جي آسري پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيندو آهي، پر صفا ايئن به ڪونهي جو مايوسي ٿئي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز چواڻي ته ” اڃا رُڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي، متان ايئن سمجهين مئا مور سارا“ مٿيان ٻه شاعري جا مثال ان ڪري ڏنم ته جيڪو لکڻ وڃان پيو اهو سڪرنڊ جي هڪ تاريخي ڳوٺ مجيد ڪيريو جي نوجوانن بابت آهي، جن پنهنجي ڳوٺ جي مالڪي ڪري نه صرف پنهنجي جنم ڀومي مٽيءَ جي ٿڃ ملهائي آهي پر دنيا لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي ته رڳو رياستن تي ڀاڙڻ يا انتظاميا جي آسري وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي، ڪجهھ پاڻ به همٿ ڪرڻي پوندي جيئن لطيف سائين فرمايوآهي ته ” پاڻهي ايندم هوت، ڪجهھ آئون به اڳڀري ٿيان “ سو ذڪر پي ڪيم ڳوٺ مجيد ڪيريو جو جيڪو هڪ سياسي تاريخ رکي ٿو، ڪو وقت هو هن ڳوٺ کي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ماڊل وليج جو درجو مليو هو، جنهن جو سهرو اڳوڻي ايم پي اي سيد امداد محمد شاھه ڏانهن ويندو هو، سائين جي وفات کانپوءِ هن ڳوٺ مان اهي رونقون ختم ٿي ويون، توڙي جو سندس لائق فرزند سيد زين شاھه پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان پيءُ جي نقش قدم تي هلي ڳوٺ جي مالڪي ڪئي ۽ اهو سلسلو ڪيترن ئي سالن تائين هليو، جنهن ۾ سمورن سرڪاري ادارن تي نظر رکڻ خاص ڪري تعليمي ادارن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سميت هر مسئلي ۾ دلچسپي وٺندا هئا، پر سائين زين شاهه جڏهن عملي سياست ۾ باقائده طور تي حصو ورتو ته پوءِ سمورن ادارن ۾ سيد زين شاھه جي مداخلت تي اڻ اعلانيل پابندي مڙهجي وئي، نتيجي ۾ تعليمي ادارا آهستي آهستي پنهنجي افاديت وڃائڻ لڳا، وري ٻيو پاسو ڳوٺ جي ترقياتي ڪمن يا صفائي سٿرائيءَ جي حوالي سان به مڪمل نظر انداز ڪيو ويو، ان نظر اندازي کي محسوس ڪندي ڳوٺ مجيد ڪيريو جي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ کي سنوارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ پروفيسر فقير غلام مصطفيٰ ڪيريو جيڪو ايس يو پي يونٽ مجيد ڪيريو جو صدر پڻ آهي تنهن پارٽي جي دوستن سان ملي هڪ جامعه پلان جوڙيو، جنهن ۾ هنن ڳوٺ جي سمورن روڊن رستن توڙي گٽرن نالين ۽ ڳوٺ جي گڏ ٿيل گندگي کي پاڻ صاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڏکيو مرحلو هو فنڊز يعني پئسن جو هجڻ، ان سلسلي ۾ جڏھن فقير غلام مصطفيٰ ڪيريو ، محمد علي ڪيريو ۽ بچل ڏھيو گڏجاڻي گهرائي ته ڳوٺاڻن ۽ ايس يو پي جي ورڪرن نه صرف سهڪار جي خاطري ڪرائي پر مالي سهڪار لاءِ پڻ حيثيت آهر مدد ڪئي، گڏجاڻي کانپوءِ سڀني جو جذبو ڄڻ ته 18 سالن جو جوان ٿي پيو، سڀني روڪ رقم جمع ڪرائڻ بعد ڪم شروع ڪري ڇڏيو، لڳ ڀڳ ٻن هفتن ۾ هن ڳوٺ جي صفائي ڪري جيئن مُهاوري ۾ چئبو آهي ته ڄڻ ته ڳوٺ کي پيرس ڪري ڇڏيائون، هن سموري ڪم جي خاص ڳالهھ اها هئي ته بنا ڪنهن سياسي ، ذاتي ، برادري اختلافن يا رنگ ۽ نسل کان هٽي ڪري پوري ڳوٺ جي هڪجهڙي صفائي ڪئي وئي، سندن ان عمل جو سوشل ميڊيا تي وڊيو ۽ فوٽيج وائرل ٿيڻ تي کين زبردست پذيرائي ملي رهي آهي، هوڏانهن مجيد ڪيريو پنهنجي پراڻي ماڊل وليج جون سڪون لاهي رهيو آهي، ايس يو پي تعلقي سڪرنڊ جي صدر وڏيري بچل ڏھيو ٻڌايو ٿه هن اجتماعي ڪم ۾ جن مالي سهڪار سان گڏ عملي ڪم ڪيو انهن ۾ ڪيلو مل اوڏ، غلام شبير جمالي، ڪاشف ڪيريو، نديم ڪيريو، حاجي اڪبر لاکو، معشوق لاکو، غلام حيدر ڏھيو، غلام مرتضيٰ ڏهيو، رسول بخش ڀٽو ۽ خادم سرائي شامل آهن، هيءُ هڪ اهڙو اجتماعي ۽ ساراهه وارو ڪم آهي جيڪو سنڌ جي سمورن ڳوٺن ۾ ٿيڻ گهرجي،آئون سمجهان ٿو ته رڳو لفظي طور تي اهو چئي ڇڏڻ ته اسان جو ماضي شاندار هو اسان جا ڳوٺ سڌريل هئا يا اسان بي مثال هئاسين سان اسان بيمثال ٿي نٿا سگهون پر بنيادي طور تي اسان جو ڪم ۽ ڪردار ئي اسان کي بيمثال ۽ مانائتو ڪندو آهي ۽ جيڪڏھن سڀ شهري سڀ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪن ته بهتر ۽ صاف سٿرو سماج جڙي سگهي ٿو.