ليکڪ: انور سانول
هن سماج ۾ عورت جو ڪردار ڇاهي آهي، ڪيئن ۽ ڪهڙو آهي ان تي لکڻ هڪ وڏو بحث ٿي پوندو. بس آئون ايترو ڄاڻان ٿو ته حوا ڄائي جا هي رشتا مقدس ۽ افضل ٿين ٿا ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ، جن جو احترام اڄ جي هن سماج ۾ ٿورو وڃي رهيو آهي ، درد شاعري لکرائيندو آهي. پر تنهنجي شاعره ته شاعري کي درد لکيو آهي ، ادي خالده منير جا نظم جيڪي هن سماج ۾ ٿيندڙ انياءَ جو هڪ چٽو عڪس آهن جن مان مون کي خون ڳڙندي نظر ٿو اچي، ادي لکي ٿي ته:
زهرسان ڀريل،
گلاس آهي زندگي،
ڍڪ ڍڪ ڪري پيان ٿي،
ذرو ذرو ٿي مران ٿي
ادي هن نظم ۾ زهر جهڙي زندگي جي تشبيھه سقراط سان ساٿ نڀائڻ جي ڏني آهي سچ ۽ سقراط هڪ اعليٰ مثال جو سبق آهي، زندگي جڏهن وھه جهڙي ٿيندي آهي ان وقت اسان پنهنجي اندر ۾ ڀريل زهر جي گلاس کي هڪ ئي ڍڪ ۾ نه پيئندا آهيون پر اسين هن کي وقت به وقت پيئندا آهيون ادي خالده جي هنن نظمن مان مونکي انقلاب جي خوشبو به اچي ٿي ادي نه رڳو عورت جي دردن کي نظمن ۾ سمايو آ پر ڌرتي سنڌ سان عشق جي به انتها ڪئي آهي،
تو ۾ ٿي دفن مان،
وٺندس جنم مان،
اي سنڌ امان اي سنڌ امان.
ڪڏهن ٿي تنهنجي ٻاگهي اينديس،
ڪڏهن ٿي تنهنجي مومل اينديس،
ڪنهن ڪنهن مسند تي هونديس،
ڪڏهن ڪاري ڪري ماري وينديس،
تون قيامت تائين هوندين قائم،
مان قيامت تائين تووٽ هونديس.
هن نظم ۾ تمام سهڻن ڪردارن جو ذڪر قابلِ تعريف ڪيو ويو آ مومل ۽ ٻاگهل جيڪي مرشد لطيف جي رسالي جون سورميون آهن جن جي ڪردار کي ڏسي هر عورت فخر ڪري ٿي سنڌ سان عشق عبادت مثل آهي ادي خالده جو ڪردار به نظمن مان ٻاگهل جو لڳي ٿو، هر محاذ تي جنگ جوٽڻ جيئن دودن جو ڪم آهي تيئن ادي خالده به پاڻ کي سچ لکڻ چوڻ واري ميدان ۾ ٻاگهل بڻائي نظم لکيا آهن ،قياس من ۾ ماتم ٿو ڪري اهڙو انوکو نظم جنهن ۾ بک جو تذڪرو ٿيل آهي، اها بک هن معاشي صورتحال جو وقتائتو نظم لڳي ٿو، پر شاعر ته اڳڪٿي ڪندو آهي، اهڙا خيال لکي ويندو آهي جنهن جو پتو سالن يا صدين کانپوءِ پوندو آهي، مشڪلاتن جو دور ته هر ڪنهن تي ايندو آهي بک جو دور ڏکيو هوندو آهي اهي پيڙائون، وارتائون جن ۾ انسان پنهنجي وجود کي به محسوس نٿو ڪري سگهي، مون اڄ نظمن تي نظر ان ڪري وڌي جو نظم کي وڌيڪ اهميت ملي ٿي، ادي خالده منير جا سڀ نظم رت جا ڳوڙها روئن ٿا،
معصوم ڇوڪري
هو پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾،
ابهم ٻارڙي جو لاش آ،
ڪچري جي ڍير تي پيل،
۽ هر واٽهڙو حقارت مان ڏسي
لعنت وجهندو ٿو وڃي
ان ميري سمجهيل ماءُ کي.
هي ٽيون رخ آهي معاشري جو جنهن ۾پنهنجي پاپ کي لڪائڻ واريون ڪنواريون مائرون پنهنجي ڪيل خطائن تي پردو وجهندي رات جي پيٽ ۾ اونداهين کي اوٽ ڪري معصوم ٻارن کي گند جي ڍير مٿان ، نالين جي ڪني پاڻي ۾ اڇلائين ٿيون، معاشري ۾ ان ابهم ٻار کي وساري وري نئين سر هڪ نئين جيون ساٿي سان زندگي گذارن ٿيون، پر جن ان ٻار کي غسل ، ڪفن ۽ دفن ڪيو اهي سموري حياتي ان ڪنواري ماءُ تي لعنت ڪندا رهندا، ان وقت روئي پوندو آهيان جڏهن ڪنهن ڪنواري ڪک مان هڪ گوشت جو اڌ ڪلو گند جي ڍير تي ڪتن جو کاڄ ٿيندو آهي. بهرحال ادي جا نظم رت روئندڙ آهن ، آئون سمجهان ٿو ته ادي جي لکڻ ۾ سور جي پيڙا وڌندي رهي ٿي ۽ درد هن جي نظمن جو محور آهي، شال ادي خوشيون ماڻي ۽ ايندڙ ڪتابن خوشين جو آڻي.