ايڊيٽوريل
وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان ڪندي سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسو هلڻ جو الزام هڻي ان جو ذميوار اليڪشن ڪميشن ئي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. قوم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته 40 ورهين کان سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسو هلي رهيو آهي، هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي. اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو موقعو ڏنو، اليڪشن ڪميشن جمهوريت کي نقصان پهچايو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو ۽ اليڪشن ڪميشن ئي کليل ووٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جڏهن اليڪشن ڪميشن کي موقعو ڏنو هو ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ هو جو 1500 ووٽ به ڇپجي نه ٿي سگهيا؟ ڇا 1500 ووٽن تي بار ڪوڊنگ نه پئي ٿي سگهي؟ اليڪشن ڪميشن پئسن واري وڊيو جي جاچ ڇو نه ڪئي؟ اليڪشن ڪميشن ووٽ وڪڻندڙن کي بچائي ورتو. عمران خان اعلان ڪيو ته آئون سڀاڻي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، اعتماد جو ووٽ آئون پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان وٺي رهيو آهيان، اهوو ووٽ هٿ مٿي کڻائي ورتو ويندو. اسيمبلي جا ميمبر پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏين، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته مون کي وزيراعظم نه رهڻ گهرجي ته پوءِ منهنجي خلاف ئي ووٽ ڏئي ڇڏين. آئون ناڪام ٿي ويس ته مخالف ڌر ۾ ويهندس ۽ ميمبرن جي راءِ جو پورو احترام ڪندس. منهنجو الله تي ايمان آهي ته اهو مون کي سٺو وقت پڻ ڏيکاريندو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير چوري ڪندو ته پوءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن سوال ڪيو ته ڇا آئين چوري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ آئون به چاهيان ته هڪ رٿا جي ڊيل ڪري 30 ارب رپيا ڪمائي سگهان ٿو. اسان جي ماضي جي تاريخ بهترين هئي ۽ پوءِ پئسو هلڻ شروع ٿي ويو، جڏهن ڏوهه ڪندڙ کي جهليو نه ويندو آهي ته سماج ظلم ڏانهن وڌندو آهي.
جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻن وزيراعظم جي خطاب کانپوءِ ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سينيٽ ۾ موجوده چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف جڏهن مخالف ڌر بي اعتماديءَ جي رٿ آندي هئي تڏهن اڪثريت هوندي به انهن جا ووٽ ڪنهن خريد ڪيا هئا ۽ صادق سنجراڻيءَ کي پنهنجو اميدوار قرار ڏئي ڪنهن ڪامياب ڪرايو هو، سڌيءَ ريت اڪثريت کي اقليت ۾ ڪنهن ۽ ڪهڙي طريقي سان تبديل ڪيو هو. هنن چيو آهي ته وزيراعظم کي اهو خريد ۽ وڪرو ڪيئن آئيني ۽ قانوني لڳو هو. مخالف ڌر جي اڳواڻن واضح چيو آهي ته حڪومت کان پنهنجا ميمبر ۽ اتحادي بيزار آهن، ٻنهي طرفن کان اهڙن بيانن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته سياسي بيان پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن هڪ وزيراعظم قوم کي خطاب دوران پنهنجي ئي قومي اداري يعني اليڪشن ڪميشن مٿان سڌي ريت الزام هڻي ته اِها مناسب سياست يا ويزن نه آهي. هڪ وزيراعظم کي بردبار هجڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ادارن تي اعتماد به هجڻ گهرجي، ڇو ته اڳتي به ان ئي اداري جي معرفت چونڊون ٿيڻيون آهن. اليڪشن ڪميشن ڊسڪا جي چونڊ به ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڳتي به اڃا کوڙ سارا مرحلا اچڻا آهن، ڏسجي ته اُهي ڪيئن طئي ٿين ٿا. بهرحال وزيراعظم ڇنڇر واري ڏهاڙي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو به وڏو فيصلو ڪيو آهي. ڏسڻو اِهو آهي ته ان ۾ هُو ڪيتري قدر سوڀارو ٿئي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي، ان لاءِ حڪومت کي ئي پهريون قدم کڻڻو پوندو.