241

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي وارو ڪيس: وڌيڪ 6 وڪيلن جون ضمانتون منظور، هڪ جي رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڪيس ۾ 6 وڪيلن جون ضمانتون منظور ڪندي هڪ ڄڻي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ وڪيلن جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ڊسٽرڪٽ بار جي سيڪريٽري منظور ڪمبوهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي. ان کانسواءِ سردار نجم عباس، عرفان چوڌري، خضر ايڊووڪيٽ، عمر ايڊووڪيٽ، شعيب ۽ ايڊووڪيٽ افشان جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون، جڏهن ته عدالت کين 50_50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو کين حڪم ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو