ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) ثبوت وزيراعظم کي موڪليا آهن، اسان مطالبو ڪيو آهي ته 6 ايم پي ايز جي جاچ ڪرائي وڃي، جي ڊي اي سينيٽ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ عدليا ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪندي. اهڙو اظهار جي ڊي اي جي ايم پي ايز حسنين مرزا، شهريار خان مهر، نصرت سحر عباسي، نندڪمار گوگلاڻي، عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سندن چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ايم پي اي عمر عميري، ڪريم بخش گبول، بلال غفار، رابستان خان ۽ عباس جعفري پاران پارٽي جي حمايتي اميدوار صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ جنرل سيٽ تي پي ٽي آءِ ۽ متحده اميدوارن جي ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي شڪ ٿي ويو ته جي ڊي اي سان دوکو ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جي 7 اميدوارن کي جي ڊي اي جي پئنل ۾ شامل ڪيو ويو، انهن مان 6 ميمبرن ووٽ نه ڏنا، جي ڊي اي پي ٽي آءِ قيادت کان وضاحت ۽ ذميوار ايم پي ايز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿي. حسنين مرزا چيو ته اسان جي مدد سان سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن سيٽون حاصل ڪيون، وزيراعظم کان مطالبو ڪيون ٿا ته انڪوائري ڪرائي وڃي، اسلام آباد وانگر هتي به انڪوائري ٿئي. نصرت سحر عباسي چيو ته جي ڊي اي جي 14 ميمبرن مان هڪ به نه وڪاميو، بهتري لاءِ قربانيون ڏيندا رهنداسين.
294