229

ترڪي ۾ هيليڪاپٽر ڪري تباهه، ليفٽينينٽ جنرل سوڌو 11 اهلڪار فوت، 2 زخمي

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن سبب ليفٽيننٽ جنرل عثمان ارباز سميت 11 فوجي اجل جو شڪار 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترڪ خابرو اداري موجب ترڪي جي دفاع واري وزارت حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته فوجي هيلي ڪاپٽر  بتليس صوبي ۾ شهر تاتوان جي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهنڪري 11 فوجي مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترڪ وزارت دفاع حادثي جي تصديق ڪندي چيو 9 فوجين ٿڏي تي ئي دم ڏنو، هڪ فوجي اسپتال ۾ فوت ٿيو. اهو حادثو ترڪي جي صوبي بتليس جي شهر تاتوان جي پسگردائي واري علائقي ۾ پيش آيو. اختيارين ان کي حادثو قرار ڏنو آهي. هيليڪاپٽر فوجين کي بينگول مان تاتوان کڻي وڃي رهيو هو ته ان جو رابطو ڪٽجي ويو. ان حوالي سان جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي  جي پارليامينٽ ميمبر ۽ ڊيفينس ڪميٽي ميمبر لگا اگار ٽوئيٽ ڪيو ته حادثي ۾ ليفٽيننٽ جنرل عثمان ارباز به اجل جو شڪار ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو