248

آمريڪا تيز ترين رفتار واري سپر ناڪ جيٽ اسپائيڪ ايس 512 جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي تيز ترين رفتار واري مسافر جهاز سپر سانڪ جيٽ اسپائيڪ ايس 512 جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن. آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب آمريڪي تيز ترين رفتار واري سپر سانڪ جيٽ اسپائيڪ ايس 512 جنهن جي رفتار 1352 ميل في ڪلاڪ آهي، اهو جهاز 90 منٽن ۾ لنڊن کان نيويارڪ تائين جو مفاصلو طئي ڪندو. پنهنجي آواز جي رفتار کان تيز ان جهاز جي ذريعي فاصلو 25 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو. سپر سانڪ جيٽ اسپائيڪ ايس 512 جي ويڪري ڪيبن ۾ 18 آرامده سيٽون سجايون ويون آهن جيڪي بيڊ ۽ ڪانفرنس روم ۾ به تبديل ڪري سگهبيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو