نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي فلم ڪمپني يونيورسل فلمز پاران نئين فلم فاسٽ اينڊ فيورس جي نمائش کي هلندڙ سال 25 جون تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. آمريڪي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق يونيورسل فلمز جي تيار ڪيل نئين فلم فاسٽ اينڊ فيورس جي نمائش ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي دير جو اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته يونيورسل فلمز ان کان اڳ پنهنجي اينيميٽڊ فلم دي رائز آف گرو جي ريليز کي پڻ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
250