نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ ميانمار جي فوج طرفان نئين مقرر ڪيل سفارتڪار ٽن مائونگ نينگ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. رپورٽن مطابق گڏيل قومن ۾ ميانمار جي سفارتڪار ڪياوموئي تون طرفان ملڪ ۾ فوجي اقتدار کي غير قانوني قرار ڏيڻ ۽ فوجي اقتدار جي خاتمي جي مطالبي کانپوءِ ميانمار فوج ڇنڇر تي کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي سندس نائب ٽن مائونگ نينگ کي گڏيل قومن ۾ ميانمار جو سفارتڪار مقرر ڪري ڇڏيو جنهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ميانمار فوج طرفان برطرف ڪيل ڪياوموئي تون ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ملڪ جي نمائندگي جاري رکندو. ان حوالي سان گڏيل قومن جي ترجمان چيو ته ٽن مائونگ نينگ گڏيل قومن کي پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته سفارتڪار ڪياوموئي تون هاڻي به گڏيل قومن ۾ ميانمار جو مستقل نمائندو آهي.
190