192

ڊينيئل پرل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدار جي آزاديءَ واري فيصلي خلاف اپيلون 10 مارچ تي ٻُڌڻيءَ لاءِ رکي ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ جي آزاديءَ جي عدالتي حڪم خلاف دائر ٿيل نظرثاني اپيلون 10 مارچ تي ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيون آهن. عدالت سڳوريءَ طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 10 مارچ تي ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ جي آزاديءَ جي عدالتي حڪم خلاف دائر نظرثاني اپيلن تي ٻُڌڻي ڪندي. واضح رهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ جي آزاديءَ بابت عدالتي فيصلي تي نظرثاني اپيلون دائر ڪيون آهن. عدالتي حڪم تي ڊينيئل پرل قتل جي جوابدار احمد عمر شيخ کي جيل کان ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ منتقل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو