180

ڀارت ۾ هارين جي احتجاج کي 100 ڏينهن مڪمل، دهليءَ ۾ مظاهرين لاءِ پاڻيءَ جي سپلاءِ روڪڻ وارو عمل شروع

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تڪراري زرعي قانون خلاف هارين جي احتجاج جا 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، جڏهن ته هاڻي ملڪ ۾ مصروف ترين شاهراهن کي بند ڪيو ويندو. ڀارتي ميڊيا موجب هاري اڳواڻ راڪيش چيو ته هارين دهلي جي ڌرڻن ۾ مستقل رهڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن. هارين احتجاج جا 100 ڏينهن مڪمل ڪيا آهن. مودي سرڪاري ڪم ظرفيءَ جو مظاهرو ڪندي دهلي جي ڌرڻن ۾ مظاهرين لاءِ پاڻيءَ جي سپلاءِ روڪڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. هارين پنهنجا واٽر پمپ لڳائي ورتا آهن. هن چيو ته مودي سرڪار خلاف ويڙهه ڊگهي هلندي، سرڪار سان ڳالهين جو ڪو امڪان ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو