176

يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو: اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي بطور سينيٽر ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ويو آهي. مقامي وڪيل اظهر صديق اليڪشن ڪميشن کي درخواست ۾ نشاندهي ڪئي آهي ته علي موسيٰ گيلاني ۽ مريم نواز جي بيان ڌانڌليءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ باور ڪرايو ويو ته سپريم ڪورٽ جي واضح هدايتن باوجود چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڇو نه ڪئي وئي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ توهين عدالت آهي. علي موسيٰ گيلاني جي وڊيو ۽ مريم نواز جو بيان ڌانڌليءَ جو ثبوت آهي، سندن خلاف اليڪشن ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. اظهر صديق ايڊووڪيٽ درخواست ۾ نُڪتو اُٿاريو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڏوهه آهي، ان جي انڪوائري ڪئي وڃي، ان لاءِ پهرين ڌانڌليءَ جي الزامن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ۽ جيستائين اهو عمل مڪمل نه ٿئي يوسف رضا گيلاني جو بطور سينيٽر ڪاميابيءَ وارو نوٽيڪيشن جاري نه ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو