172

ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي سولو بڻائڻ ۽ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٽيڪس وصول ڪندڙن جي صوابديدي اختيارن کي گهٽ ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آٽو مشن کي متعارف ڪرايو ويندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته فلائينگ انوائسز جي مسئلي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ان سان ڪاروبار ۾ سهولت ٿئي ۽ معيشت ترقي ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو