134

وزيراعظم عمران خان 178ميمبرن کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب، مخالف ڌر پاران بائيڪاٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. عمران خان کي اڳ جي ڀيٽ ۾ 2 ووٽ وڌيڪ پڻ ملي ويا. سينيٽ جي چونڊن ۾ حڪومتي ڌر کي اسلام آباد واري سيٽ تي قومي اسيمبليءَ ۾ اپ سيٽ شڪست ملڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان  پاڻ ئي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان سلسلي ۾ ڇنڇر ڏينهن اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اهم اجلاس جي شروعات تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ قومي ترانو هلايو ويو. ايوان جي ڪارروائي شروع ٿي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ 5 منٽ گهنٽيون وڄايون ويون، پوءِ سمورا دَر بند ڪيا ويا ته جيئن ڪو ميمبر ٻاهر نه وڃي سگهي. اسپيڪر ميمبرن کي ووٽ داخل ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو ۽ هدايت ڪئي ته وزيراعظم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ ميمبر ساڄي پاسي لابي ۾ وڃن. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم تي اعتماد لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کا نپوءِ اسپيڪر ووٽن جي ڳڻپ جي هدايت ڪئي. ووٽنگ جي عمل کان پوءِ ٻيهر گهنٽيون وڄايون ويون، جنهن کان پوءِ لابيز ۾ موجود ميمبر هال ۾ واپس آيا ۽ اسپيڪر نتيجن جو اعلان ڪندي چيو ته وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، عمران خان کي 178 ووٽ مليا، ان کان اڳ 2018 ۾ وزيراعظم ٿيڻ وقت عمران خان کي 176 ووٽ مليا هئا. اسپيڪر طرفان وزيراعظم جي ڪاميابي جي اعلان تي حڪومتي ميمبرن زوردار زبردست نعرا هنيا، جڏهن ته اپوزيشن اعتماد واري ووٽ کان اڳ ئي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب انهن جون بينچون خالي رهيون. اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پنهنجي اتحادين جا دلي طور ٿورا مڃان ٿو، هر ڏکئي وقت ۾ انهن ساٿ ڏنو، مون کي توهان ۾ هڪ ٽيم نظر آئي، اسان جي ٽيم مضبوط رهندي، ڪيترائي ميمبر طبعيت ۾ خرابي باوجود آيا، پارٽي مضبوط هوندي آهي ته ڏکيائين مان نڪرندي آهي، قوم پنهنجي نظريي کان پوئتي هٽي ته مري ويندي آهي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ جيڪو ٿيو ان تي شرمساري ٿي ٿئي، ڀلي پوري پارٽي به ساٿ ڇڏي ڏي پوءِ به ملڪ لٽيندڙن خلاف اڪيلو ئي وڙهندس. هن چيو اسان جي ليڊر شپ کي خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ عظيم خواب هو، پاڪستان ان ڪري نه ٺهيو ته نواز شريف جهڙا ماڻهو ارب پتي ٿي وڃن، سٺو لڳو ته توهان کي به سينيٽ چونڊن جي نتيجن تي دل سان تڪليف ٿي، سينيٽ جي  چونڊن ۾ جيڪو ٿيو، مون کي ان تي شرمساري ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته “سٺيون چونڊون ٿيون آهن“، ان سان مون کي وڌيڪ صدمو پهتو آهي، جيڪڏهن اهي سٺيون چونڊون آهن ته خراب چونڊيون وري ڪهڙيون ٿينديون آهن؟ هن وڌيڪ چيو ته ڳجهي ووٽ جو مقصد حفيظ شيخ کي هارائڻ هو، اليڪشن ڪميشن ايجنسين کان بريفنگ وٺي، ان کي خبر پئجي ويندي ته ڪيترو پئسو هليو، گيلاني جي وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جون ملڪيتون چيڪ ڪريو ته خبر پئجي ويندي، اسان جي ميمبرن کي فون ڪيا ويا، ووٽ بدلي 2 ڪروڙ روپين جي آڇ ڪئي وئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ ڪرپٽ ليڊر شپ سان گڏ خوشحال نٿو رهي سگهي، نواز شريف ملڪ کي 30 سال لُٽي ٻاهر ڀڄي ويو آهي، فضل الرحمان شروع کان ٻه نمبر ماڻهو آ، پ پ ۽ ن ليگ اين آر او وٺي ٻنهي هٿن سان مُلڪ کي لٽيو. سڀ ڦورو سمجهي رهيا آهن ته دٻاءَ ۾ عمران خان اين آر او ڏئي ڇڏيندو، اپوزيشن سمجهي ٿي ته مون کي بليڪ ميل ڪندي، ملڪ لٽيندڙن جا ڪيس منهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن، عدليه ۽ نيب کي جيڪا به مدد گهرجي سا ڏينداسين، منهنجي سڄي پارٽي به منهنجو ساٿ ڇڏي ڏي پوءِ به اڪيلو انهن جي خلاف وڙهندس، ڪپتان آهيان، آخري بال تائين وڙهڻ وارو آهيان ۽ آخري بال تائين وڙهندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو