113

(ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ، هڪ ٻئي کي ڳچيءَ ۾ هٿ، احسن اقبال تي جوتي سان حملو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ڊي چوڪ تي (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي ويو، هڪ ٻئي کي ڳچي ۾ هٿ وڌا، احسن اقبال تي جوتي سان حملو ڪيو ويو، رپورٽ موجب اسلام آباد ڊي چوڪ تي مسلم ليگ (ن) اڳواڻن جي ميڊيا ٽاڪ دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن شديد احتجاج ڪيو، شاهد خاقان، مريم اورنگزيب ۽ احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائي رهيا هئا ته پي ٽي آءِ ڪارڪن ريڊ زون ۾ گهڙي آيا، هڪ ٻئي خلاف شديد نعريبازي ڪئي، مصدق ملڪ ۽ شاهد خاقان عباسي به ڪارڪنن کي هٿين پئجي ويا، جڏهن ته احسن اقبال جي خطاب دوران هڪ شخص کيس مٿي تي جوتو اڇلائي هنيو، جڏهن ته پوليس تماشو ڏسندي رهي بعد ۾ (ن) ليگ ڪارڪنن پنهنجن اڳواڻن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو، هٿاپائي دوران مريم اورنگزيب کي ڌڪا ڏنا ويا، ان موقعي تي ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته هي غنڊا عمران خان جا آهن، اسان مسلم ليگ(ن) جا شينهن آهيون، انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، سامهون اچو، ايمبولينس ۾ نه موڪليو ته منهنجو نالو شاهد خاقان ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو