پشاور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ ميمبرن جي ووٽن جي خريد ۽ وڪري واري الزام تي خيبرپختونخواهه مان حڪومتي ميمبر عبدالسلام کان ثبوت گهري ورتا آهن. رپورٽن مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن ۾ ووٽن جي مبينا خريد ۽ وڪري جي اطلاعن جو نوٽيس ورتو آهي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه مان حڪومتي ميمبر عبدالسلام کان ثبوت پڻ گهريا آهن. واضح رهي ته سينيٽ چونڊن دوران حڪومتي ميمبر عبدالسلام پاران چيو ويو هو ته ساڻس ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطا ڪيا پيا وڃن، جنهن جا وٽس ثبوت موجود آهن.
156