262

ننڪاڻه صاحب ۾ 2 ڀينرون گهٽا ڏئي قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، علائقي ۾ سوڳ

ننڪاڻه صاحب (ويب ڊيسڪ) ننڪاڻه صاحب جي علائقي سانگلا هل ۾ ٻن ڀينرن جا گهٽا ڏنل لاش هٿ آيا آهن. پوليس مطابق هي افسوسناڪ واقعو سانگلا هل جي ڳوٺ رڙيانه ۾ پيش آيو آهي، قتل ڪيل ڀينرن ۾ 17 ورهين جي سجل ۽ 16 ورهين جي حباب شامل آهن، شروعاتي طور تي لڳي ٿو ته ٻنهي کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس مطابق پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، هڪ ئي وقت ٻن ڀينرن جا لاش کڄڻ وقت علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو