موغاديشو (ويب ڊيسڪ) صوماليا جي گادي واري هنڌ ۾ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق بارودي مواد سان ڀريل ڪار هڪ ريسٽورنٽ جي گيٽ سان ٽڪرائي وئي، جنهن بعد وڏو ڌماڪو ٿيو، ان دوران فائرنگ جو پڻ آواز ٻڌو ويو. پوليس مطابق ڌماڪي سبب 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ڌماڪي سبب ويجهين عمارتن کي سخت نقصان پهتو.
136