170

پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ عوامي نيشنل پارٽي کان سهڪار گهري ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ عوامي نيشنل پارٽي کان سهڪار گهري ورتو آهي. رپورٽن مطابق بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جو وفد سينيٽ چيئرمين لاءِ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي سان گڏجي ولي باغ جو دورو ڪيو ۽ اتي عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر امير حيدر هوتي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صدر ايمل ولي خان ۽ پي ڊي ايم ترجمان ميان افتخار حسين به موجود هئا. ذريعن مطابق پي ٽي آءِ وفد اي اين پي کان سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ سهڪار گهريو، جنهن تي اي اين پي وفد ٻڌاوي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان پارٽي سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو