205

ٺري ميرواهه جو لائق ڪردار روشن الدين جوڳي…

ليکڪ: عابد حسين شر 

ڪو وقت ھوندو ھو جو علائقي جي ھر چڱي ۽ نيڪ مرد جي اوطاق تي شام ٿيندي ئي سوين ماڻھو پھچي ويندا ھئا، جتي ھو پنھنجا ڏک سور ھڪ ٻئي سان ونڊيندا ھئا، اوطاق تي ايندڙ مھمانن جو ميزبان سندن سٺي نموني خدمت ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندو ھو، اھڙي قسم جي اوطاقن ۾ ھڪ ٻئي سان نيڪ نيت محبتن جون ڳالھيون ھاڻي صرف پراڻي تاريخ يا ڪتابن جو حصو بڻجي ويون آھن، جتي جديaد ٽيڪنالاجي ھر ماڻھو کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آھي اتي ئي پراڻي دور جي ماڻھن جي پاڻ ۾ محبت ۽ اوطاقن تي ڪچھرين جي اڄ ھر ماڻھو کي کوٽ محسوس ٿي رھي آھي ۽ ھر ماڻھو اڄ جي ماڻھن جا رويا ڏسي اھو سوچڻ ۽ چوڻ  تي مجبور آھي ته ڪاش پراڻو وقت موٽي اچي . اڄ جي دور ۾ جتي اوطاقن جو وجود ختم ٿي ويو آھي اتي ٺري ميرواھه ۾ هڪ اھڙي شخصيت به موجود آھي جنھن جي نالي جيان سندس اوطاق به ھر وقت روشن رھي ٿي، ٺري ميرواھه جي معزز شخصيت، اڳوڻو تعلقي ناظم روشن الدين جوڳي سماجي انسان آھي، جيڪو انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي جذبي تي يقين رکي ٿو، روشن الدين جوڳي شروعاتي تعليم گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھه مان حاصل ڪرڻ بعد  بي اي، ايل ايل بي ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي، ھي جواني جي ڏينھن ۾ ئي خدمت ڪرڻ جو وڏو جذبو رکندڙ شخص ھو، اھڙي ئي خدمت جي جذبي سبب ان وقت ۾  کيس پاڪستان پپيلز پارٽي پاران سپاف تعلقي صدر جي عھدي سان نوازيو ويو، پارٽي ۽ پارٽي جي ورڪرن سان محبت واري انداز سبب ھن ٺري ميرواھه ۾ وڏي مقبوليت ماڻي، جنھن جو وڏو سبب ھر ماڻھو جا جائز مسئلا حل ڪرڻ، پارٽي ورڪرن توڙي علائقي جي غريب ماڻھن جي ڳالهھ ٻڌڻ  ۽ انھن جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ ھو، سندس اھڙي ڪردار سبب ھر وقت ھن نيڪ مرد جي اوطاق عوام سان الفت سبب  آباد رهي ٿي، اڳوڻي وفاقي وزير پير آف راڻيپور پير عبدالقادر شاھ جيلاني، منظور حسين وساڻ،  نواب خان وساڻ ۽ شھريار خان وساڻ سان ويجھڙائپ جي ڪري ٺري ميرواھه تعلقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا صلاحڪاري اجلاس اڪثر سندس اوطاق تي ٿيندا رھيا آھن، عوام ۾ مقبوليت سبب پارٽي طرفان کيس ٺري ميرواھ ٽائون جو سٽي ناظم بڻايو ويو، 2001ع کان 2005ع  ۽ 2010ع تائين جي عرصي دوران ھن ٺري ميرواھ جي ناظم جي عھدي تي رھندي شھر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ سمورن علائقن ۾ بنيادي سھولتون فراھم ڪيون، ھن تعلقي ۾ ڪيترا ئي بند پيل پرائمري اسڪول کولرائي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو، سندس محبتي مزاج، نياز ۽ نوڙت  واري انداز سبب جيڪو به ساڻس ھڪ دفعو سندس اوطاق تي ڪھي اچي ملاقات ڪندو آھي اھو وري وري هن سان ملاقات ڪرڻ جو خواھشمند ٿي ويندو آھي،  سماجي اڳواڻ روشن الدين جوڳي پنھنجي جوڳي برادري جو چڱو مڙس به آھي، ٺري ميرواھه سميت سنڌ جي جوڳي برادري جا ماڻھو پنھنجا مسئلا کڻي سندس اوطاق تي ايندا آھن، ھو پنھنجي برادري سميت مختلف برادرين ۾ ھلندڙ تڪرار ختم ڪرائڻ جي ھميشه خواھش رکندو آھي، اھڙي طرح ھن ڪيترائي فيصلا ڪري پنھنجي برادري ۾ ھلندڙ جھيڙا ختم ڪرائي ڌرين کي کير کنڊ پڻ ڪيو آھي، ھن جي اصولي فيصلن سبب برادري جا ماڻھو ھن وٽ فيصلا ڪرائڻ لاءِ آتا ھوندا آھن، پيپلز پارٽي طرفان ٺري ميرواھه ۾ جيڪي به پروگرام ڪرايا ويندا آھن يا ماضي ۾ جيڪي به وڏا  جلسا ٿيا آھن انھن ۾ ميزباني جو ڪردار ھميشه روشن الدين جوڳي جو رھيو آھي، عيد جي ڏينھن دوران علائقي جي مسڪين ماڻھن جي سهائتا ڪرڻ لاءِ هي ننڍن ڳوٺن ۽ ڪکاون گهرن تائين پهچي وڃي ٿو ۽ بنا ڪنهن فوٽو سيشن جي ھڙان وڙان مسڪين ماڻھن جي مدد ڪندو رھي ٿو، ھو پنج وقت نماز پڙھڻ جو پڻ پابند آھي، صبح جو تيار ٿي گھران نڪرڻ کان اڳ ھو پاڪ ڪتاب جو ورد ڪثرت سان ڪري ٿو، ھن ٺري ميرواھه کي ضلعو بڻائڻ واري تحريڪ ۾ به پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي  اعليٰ اختيارين کان اھو مطالبو ڪيو آهي ته ٺري ميرواھه کي ضلعو بڻايو وڃي، ڇو ته ٺري ميرواھه تعلقو ضلعي خيرپور جو آبادي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو تعلقو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو