ليکڪ: فهيم پٽيل
سياست ۾ هر لمحي حالتون بدلجنديون رهن ٿيون، ڪالهه سينيٽ چونڊون کٽڻ تي مخالف ڌر جو اعتماد وڌيو ته اڄ حڪومت پاڻ کي طاقتور سمجهي رهي آهي، سينيٽ چونڊن ۾ اسلام آباد مان جنرل سيٽ تي حڪومت کي مليل شڪست کانپوءِ پاڪستان جي سياسي ماحول ۾ بي يقيني واري ڪيفيت جنم ورتو، هر طرف اهو بحث هلي پيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ حڪومت جي اڪثريت ختم ٿي وئي آهي ته پوءِ موجوده حڪومت اهل آهي يا نااهل؟ اڃا اهو بحث هلي ئي رهيو هو ته وزيراعظم عمران خان طرفان اها خبر سامهون آئي ته هو ان بي يقيني واري صورتحال ۾ ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو ۽ پوءِ ان خبر جي تصديق ان وقت ٿي جڏهن وزيراعظم قوم کي خطاب دوران واضح طور تي چيو ته آئون ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، شروعاتي خيال هو ته شايد وزيراعظم طرفان اهو جذباتي فيصلو آهي ۽ جيڪڏهن ڀيري به سندس پارٽي جي فردن مخالف ڌر جو ساٿ ڏنو ته حڪومت لاءِ صورتحال پريشان ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، پر ائين نه ٿي سگهيو، ڇو ته مخالف ڌر ان اهم ترين اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ائين 178 ووٽ حاصل ڪري عمران خان اعتماد جي ووٽ واري آزمائش ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر اهو معاملو اتي ختم نه ٿيو آهي، پر شايد جتان حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ تلخي رُڪي هئي اتان کان ٻيهر شروع ٿيندي ۽ وڌيڪ سختي سان شروع ٿيندي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو حڪومت ۽ مخالف ڌر ڇا ڇا ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ان حوالي سان اسان سينيئر تجزيي نگارن سان رابطو ڪيو، ان حوالي سان فهد حسين جو چوڻ هو ته حفيظ شيخ جي شڪست سان حڪومت تي اهو خطرو لامارا هڻڻ شروع ٿي ويو هو ته عمران خان وٽ ايوان ۾ ڳڻپ پوري نه هئي ۽ حڪومت ڪري سگهي ٿي، پر اعتماد جو ووٽ کانپوءِ في الحال اهو خطرو ٽري ويو آهي، پر اڄ پارليامينٽ جي ٻاهران ٿيل بدمزگي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سان ٿيل بدتميزي سان ملڪ ۾ سياسي گرمي پد وڌي چڪو آهي، اهڙي صورت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ جو جيڪڏهن ڪو امڪان موجود به هو ته اهو ختم ٿي ويو آهي، اعتماد جي ووٽ سان وزيراعظم پاڻ کي ته محفوظ ڪري ورتو آهي پر سينيٽ ۾ سندس پارٽي هن وقت محفوظ نه آهي ۽ هن وقت غالب امڪان اهو آهي ته سينيٽ چيئرمين لاءِ ٿيندڙ چونڊ اپوزيشن کٽي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن حڪومت جي هٿ مان سينيٽ چيئرمين جي سيٽ هلي وڃي ٿي ته حڪومت لاءِ قانونسازي ۾ مشڪلاتون وڌي وينديون، خاص طور تي پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه ۾ موجود شرطن جي حوالي سان ڪجهه قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ حڪومت جو اهو خيال هو ته جڏهن سينيٽ ۾ سندس اڪثريت اچي ويندي ته قانونسازي ٿي ويندي، پر جيڪڏهن سينيٽ پي ڊي ايم جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو ته حڪومت کي سخت مشڪلاتون سامهون اينديون، سينيٽ چونڊن کان اڳ ڊسڪا ۾ به چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اتي (ن) ليگ کٽي وڃي ٿي ته ان جو فائدو به پي ڊي ايم کي ٿيندو ۽ ان کانپوءِ پي ڊي ايم وڌيڪ سختيءَ سان لانگ مارچ جون تياريون ڪندي، جنهن سان ملڪي سياست ۾ ڇڪتاڻ جا گهڻا امڪان آهن، سينيئر صحافي مجاهد بريلوي جو خيال آهي ته هن ڀيري گيم پلانر هڪ تير سان 2 شڪار ڪيا آهن، منصوبا سازن هڪ طرف ته عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سندس سياست ۽ سياسي داءَ پيچن جو مستقبل نه آهي، ڇو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا سياسي داءَ پيچ وارا اثر گهرا آهن، اوهان ڏسو جن ميمبرن حفيظ شيخ کي ووٽ نه ڏنو، اهي اڄ عمران خان گڏ هئا، ٻئي طرف مخالف ڌر کي به هڪ پيغام ڏنو آهي ته يوسف رضا گيلاني جي کٽڻ کانپوءِ پي ڊي ايم جو پراڻي بيانيي سان هلڻ ڏکيو هوندو.سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن ضرار کهڙي چيو ته هن حڪومت کي جيڪڏهن ڪنهن مان خطرو آهي ته اهو خود حڪومت مان ئي آهي، اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم جيڪا تقرير ڪئي، اها اسان ڪيترائي درجن ڀيرا اڳ به ٻڌي آهي، وزيراعظم جو الميو اهو آهي ته هو ون پارٽي اسٽيٽ جو وزيراعظم نه آهي ۽ نه ئي ان وٽ 2 ڀاڳي 3 اڪثريت آهي، ان ڪري هو جنهن طرز سان حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو، عملي طور تي ائين نٿو ڪري سگهي، ٻئي طرف مخالف ڌر پنهنجين سمورين خوبين ۽ خامين جي باوجود هڪ حقيقت آهي ۽ جهڙي طرح عمران خان کي عوام ووٽ ڏنو، اهڙي طرح مخالف ڌر جي پارٽين کي عوام ئي ووٽ ڏنو آهي. ملڪ ۾ چونڊ اصلاحن بابت جيڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿين ٿيون اهي آرڊيننس فيڪٽري ذريعي نه ٿيون ٿي سگهن.حڪومتي وزير ۽ ترجمان جڏهن به ميڊيا تي اچن ٿا ته 90 سيڪڙو اهي ٻين جي براين ۾ مصروف هوندا آهن ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ناهن ڳالهائيندا، منهنجي خيال ۾ هتي جنهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي اهو اتحادين جي تقرير آهي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم واضح طور تي اهو چيو آهي ته حڪومت کي اسان جي ياد صرف ان وقت اچي ٿي، جڏهن اسان جي ضرورت هوندي آهي.ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ مخالف ڌر سان گڏجي ڪم ڪرڻو ئي پوندو، عمران خان وٽ بيان ته گهڻا آهن پر بيانن سان نه پيٽ ڀرجي ٿو، نه ئي ملڪ هلي سگهي ٿو، اسان کي اميد هئي ته شايد اڄ وزيراعظم مخالف ڌر طرف هڪ هٿ وڌائيندو پر ظاهر آهي ائين نه ٿيو، ڇو ته وزيراعظم جي شخصيت ئي اهڙي آهي، جڏهن اوهان جي حڪومت اتحادين جي سهاري بيٺل هجي ته اوهان کي ٻين سياسي قوتن سان به بهتر لاڳاپا رکڻا پوندا آهن. پر هڪ صورتحال اها آهي ته مخالف ڌر ته پري جي ڳالهه خود حڪومت جي اتحادين به لڪل لفظن ۾ هڪ قسم جي تنبيهه ڪئي آهي ۽ حڪومت طرفان ته پارليامينٽ کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي. نيپولين جو مشهور جملو آهي ته پنهنجي دشمن کي ان وقت بلڪل تنگ نه ڪيو جڏهن هو ڪا غلطي ڪري رهيو هجي، ان ڪري اپوزيشن به هاڻ صرف ويهي انتظار ڪندي، هونئن به اپوزيشن کي ردعمل ناهي ڏيڻو پر هاڻي انهن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته مستقبل ۾ اهي ڪهڙو قدم کڻن ٿا، اهو ڏسڻ به اهم هوندو ته ڇا سينيٽ چيئرمين جي چونڊن کانپوءِ اپوزيشن به ووٽ چوري جي ڳالهه ڪري ٿي يا نه؟ ڇو ته جنهن وقت صادق سنجراڻي سينيٽ جو چيئرمين چونڊيو هو، تڏهن به اهو نظام سٺو هو، آئون ذاتي طور تي چاهيان ٿو ته حڪومت ۽ عمران خان پنهنجو مدو مڪمل ڪن، پر جيڪڏهن اهي پاڻ کي وڌيڪ مشڪل ۾ نه وجهن ته بهتر آهي. عوام الزامن ۽ بيانن مان بيزار ٿي ويو آهي. ماڻهو هاڻ عملي انتظامن جا منتظر آهن.