ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ ٻارڙن سان جبري ڏاڍائين ۽ قتل جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي اچي رهي آهي ۽ شعور وندن جي لک ڪوششن، ڪوڪن ۽ دانهن باوجود اهڙا واقعا رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، هر روز اخبارون اهڙن واقعن سان ڪاريون لڳيون پيون آهن، پر بدقسمتي سان اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جتي فيصلا ۽ قانونسازي ٿيڻ گهرجي اهي ادارا ۽ اهي ماڻهو وري ڪنهن ٻي ڪار ۾ مصروف آهن، عوام جو خدا حافظ ئي آهي، اسان هڪ واقعي جي ڏک مان اڃا نڪرون ئي نٿا ته مٿان وري ڪنهن ٻئي گل جو لاش اکين آڏو اچي بيهي ٿو، صورتحال اها آهي ته هن ملڪ ۾ صاحب اولاد ماڻهو نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهي ويا آهن، ڇو ته اهڙن واقعن ۾ جتي پاڙي اوڙي جا ماڻهو ملوث نڪرن ٿا، اتي پنهنجي ئي ڪٽنب جا ڀاتي به اهڙي بربريت کان نٿا مڙن، هاڻ ته ماڻهو کي پنهنجي پاڻ کان به ڊپ ۽ خوف ٿيڻ لڳو آهي ۽ ماڻهو پنهنجن گهرڀاتين کي به شڪ جي نظر سان ڏسي رهيا آهن، نه صرف ايترو پر معصوم ٻارڙن تي به لکين پهرا لڳايا ويا آهن ۽ اهي به گهر ويهي ويهي عجيب قسم جي مونجهارن جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن، ائين ٿو لڳي ته سنڌي سماج هڪ عجيب نفسياتي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ موجود جمود هر ماڻهو کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو آهي، ڏک ۽ مسلسل ڏک ماڻهن جي رڳن ۾ اهڙي طرح پيهي ويو آهي، جو هاڻ وڏي خوشي به ماڻهو کي کلائڻ يا سندس چهري تي مرڪ آڻڻ لاءِ ننڍڙي ٿي پوي ٿي، هڪ معمولي کڙڪي تي به مائٽ ائين ڇرڪ کائين ٿا، ڄڻ ڪو وڏو حادثو ٿي ويو هجي ۽ اهڙي صورتحال ڀلا ٿئي به ڇو نه، ڇو ته روز جون ايندڙ اخبارون ٻارڙن جا لاش کڻي سامهون اچن ٿيون، چئنل چچريل لاشن سميت ٻارن جي مرجهايل چهرن جون تصويرون هلائي ماڻهن کي بار بار اهو احساس ڏيارين ٿا ته توهان جنهن سماج ۾ رهو پيا اهو رهڻ جي لائق نه رهيو آهي، اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي ته خيرپور شهر ۾ 7 سالن جي معصوم نياڻي حنا عباسي سان فطرت جي حسن جي ويري ۽ ڌرتي تي داغ بڻيل جلاد نما شخص ڏاڍائي ڪري بيهوشي جي حالت ۾ کيس گهر آڏو ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ اهڙي جوابدار کي گرفتار ته ڪيو ويو آهي پر قانون جي سنهي ڄار مان ڪڏهن نڪري ٿو اهو خوف هر وقت هوندو، هوڏانهن پني عاقل ۾ 14 ورهين جي نينگر آفاق احمد واگهو کي بدفعلي بعد تشدد ڪري بيرحماڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ ان جو لاش سڀ کان وڌيڪ مقدس هنڌ مسجد جي ڇت تان مليو آهي، پوليس جي رپورٽن موجب نينگر کي بدفعلي بعد سيخون ۽ سرون هڻي سخت تشدد کانپوءِ رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، 14 ورهيه اهڙي عمر آهي جنهن ۾ ٻار ڄڻ ته نوجواني واري ڏاڪي ۾ داخل ٿيندو آهي، ان کي مڇن جي ساوڪ لهي ايندي آهي ۽ مائٽ ان جي لاءِ وڌيڪ اڳتي وڌڻ وارا خوبصورت سپنا ڏسندا آهن، نينگر آفاق جو والد پڻ پروفيسر ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن سندس لاش اهڙي حالت ۾ جيجل امڙ ۽ پيءُ جي سامهون آيو هوندو ته اتي ڪهڙي قيامت برپا هوندي اهو درد لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان قسم جي واقعن کي جيستائين بند نه ٻڌو ويندو، تيستائين هن ملڪ ۾ موجود ٻچڙن وارا هر لمحي جيئندا ۽ مرندا رهندا، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان حوالي سان نه صرف سخت کان سخت قانونسازي ڪئي وڃي پر ان تي عمل لاءِ به سخت کان سخت قدم کڻڻ گهرجن ۽ قانون تي عمل لاءِ موجود فورسز مان ڪارين رڍن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ اهڙن ڪيسن جا فيصلا مهينن نه پر ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن، جيڪي بدقسمتي سان اسان وٽ سالن ۾ به نٿا ٿين، هاڻ سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي.