188

ڇا چين واقعي انتهائي غربت ختم ڪري ڇڏي آهي؟

ليکڪ: رافعه ذڪريا

تقريبن هڪ ڏهاڪو اڳ مون هڪ مضمون پڙهيو هو، جنهن ۾ مغربي ملڪن جي شهرين طرفان چين مان لاوارث ڇڏيل ٻارڙين کي هنج وٺڻ بابت ٻڌايو ويو هو، اهو مضمون هڪ اهڙي ئي عورت لکيو هو جنهن پاڻ چين مان هڪ ٻارڙي هنج ورتي هئي، مضمون ۾ ان ٻڌايو هو ته اها ٻارڙي کيس ڪيئن ۽ ڪهڙي حالت ۾ ملي هئي، اها بهار جي هڪ صبح هئي جڏهن پارڪ ۾ واڪ ڪندي هڪ شخص کي ائين لڳو ڄڻ هن ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو هجي، ان جي ويجهو ئي هڪ بينچ تي بيد جي ٺهيل ٽوڪري رکي هئي، اهو شخص بينچ جي ويجهو ويو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ان ۾ هڪ نئين ڄاول ٻارڙي هئي، هن شخص فوري طور ٽوڪري کڻي ۽ ان کي هڪ يتيم خاني ۾ پهچايو، يتيم خاني جي عملي ان ٻارڙي کي گندا ڪپڙا مٽائڻ لاءِ ڪڍيو ته ان جي ڪپڙن مان هڪ لاهوري گجر جو ٽڪرو نڪتو، اها ڪهاڻي ٻڌي ان ٻارڙي کي هنج وٺندڙ عورت حيرت ۾ مبتلا ٿي وئي ته آخر ٻارڙيءَ سان لاهوري گجر ڇو رکي وئي هئي؟ ان وقت يتيم خاني جي عملي ٻڌايو ته شايد ان نياڻي جي ماءُ جو تعلق ڪنهن ڳوٺ سان هوندو ۽ اها لاهور گجر ئي ان لاءِ قيمتي شيءِ هوندي، جيئن ته ڄاڻايل  عورت غربت سبب ان ٻارڙي جي پرورش نٿي ڪري سگهي، ان ڪري هن ٻارڙي کي پاڻ وت موجود سڀ کان قيمتي شيءِ سان گڏ موڪلي ڇڏيو، عملي وڌيڪ چيو ته لاوارث ٻارڙن سان گڏ انهن کي اڪثر ان قسم جون شيون ملن ٿيون، جيڪڏهن چيني حڪومت جي ان ڳالهه کي تسليم ڪيو وڃي ته مستقبل ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿينديون، ڇو ته گذريل هفتي عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ملڪ مان انتهائي غربت جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، رياست طرفان جاري ڪيل مواد مطابق تقريبن 10 ڪروڙ ماڻهن کي انتهائي غربت مان ڪڍي ورتو آهي، يعني سندن روزاني آمدني هاڻ هڪ ڊالر ۽ 69 سينٽ کان گهٽ نه آهي،  ڪميونسٽ پارٽي جي اخبار پيپلز ڊيلي شي جن پنگ جي حڪومت طرفان مقرر وقت کان هڪ مهينو اڳ اها ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي 3 صفحن تي ٻڌل ضميمو ڇاپيو آهي، هڪ متحرڪ اڳواڻ چين کي هڪ نئين عهد ۾ وٺي وڃڻ جو وارو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، اخبار لکيو آهي ته اسان صدين کان انتهائي غربت جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا هئاسين ۽ هاڻ اهو مسئلو ختم ٿي ويو آهي. ٻئي طرف شي جن پنگ چاهي ٿو ته سندس قوم پنهنجي مرڪز تي متحد ٿي وڃي ۽ چيني قوم ٻيهر عروج واري خواب جو ادراڪ رکي، پر ڪجهه سوال اڃا به جواب طلب آهن، واشنگٽن پوسٽ مطابق چين اڃا تائين انتهائي غربت جي معنيٰ وارو پئمانو جاري نه ڪيو آهي، ماضي ۾ به چين عالمي بئنڪ طرفان طئه ڪيل معيارن کان مختلف معيار استعمال ڪندو رهيو آهي، ان بابت ڪا به وضاحت نه آهي ته چين انتهائي غربت جي خاتمي کي ڪهڙي طرح برقرار رکي سگهندو، ڇو ته عالمي بئنڪ مطابق ڪورونا وائرس سبب هن سال سڄي دنيا ۾ وڌيڪ 15 ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار ٿيندا، ان بابت به ڪجهه سوال موجود آهن ته نيٺ چين ملڪ ۾ غريبن جو تعداد ڪهڙي طرح گهٽايو آهي، هڪ مغربي صحافي طرفان ترتيب ڏنل رپورٽ ۾ سنڪيانگ جي سرحد ڀرسان گينسو صوبي جي هڪ ڳوٺ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته اتان جي سوين رهواسين کي زبردستي ڳوٺ مان ڪڍي هڪ ٻي جاءِ تي موجود وڏي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي بجلي ۽ پاڻي جي سهولت موجود هئي، انهن ڳوٺ وارن کي هاڻ اها پريشاني آهي ته اهي مستقبل ۾ ان مهانگي جاءِ جا خرچ ڪيئن برداشت ڪندا.ٻين ماڻهن کي رهائش جا اهڙا دستاويز ڏنا ويا، جن ۾ کين سنڪيانگ جو شهري ڏيکاريو ويو هو ۽ کين چيو ويو هو ته اتي وڌيڪ وسيلا آهن ۽ کين هاڻ سنڪيانگ هليو وڃڻ گهرجي، حقيقت اها آهي ته سنڪيانگ وارو علائقو مقامي اويغورن جو آهي، جن جي اڪثريت کي چيني مسلمانن خلاف کنيل قدمن تحت حراستي مرڪزن ۾ رکيو ويو آهي، لڳي ائين ٿو ته ماڻهن کي گهٽ غريب ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته هزارين ماڻهن کي حراستي مرڪزن ۾ قيد ڪيو وڃي، ته جيئن انهن جا اثاثا ٻين ماڻهن لاءِ دستياب ٿي سگهن. هي سال چيني اڳواڻن لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇو ته هلندڙ سال چين جي ڪميونسٽ پارٽي جا 100 سال پورا ٿي رهيا آهن ۽ اهي هن سال کي يادگار بڻائڻ چاهين ٿا، اهي چاهين ٿا هن سال چين سپر پاور سمجهيو ويندڙ ملڪن سان برابري سطح تي بيهي پر اهو خواب هڪ قسم جو دوکو آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ جي اميدوارن کي اهو چيو وڃي ٿو ته جيڪا نوڪري هو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، ان مطابق تيار ٿين، پهرين نوڪريءَ وانگر نه چين ۾ ڪئين ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي غربت جي خاتمي جي اعلان کي به اهڙي طرح ڏسن ٿا ته چين سپر پاور ٿيڻ چاهي ٿو، ان جي ڪري هو پاڻ کي سپر پاور وانگر ظاهر به ڪري رهيو آهي. خواب خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، اهي اسان حقيقت پسند نٿا رهڻ ڏين ۽ حقيقت هن وقت انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، آباديءَ جا مطالعا اهو ٻڌائين ٿا ته چين ۾ پيدائش واري شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، يعني ڪم لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو دستياب هوندا، جنهن جو سڌو سنئون اثر ترقي تي هوندو (پر ان جي باوجود اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته چيني معيشت ۾ 8 سيڪڙو واڌ ٿيندي) سڀ کان پريشان ڪندڙ ڳالهه ته اها آهي ته سنڪيانگ جي اويغور مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي وڌي رهي آهي، اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي آمريڪا ضرور پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندو، چين انهن حقيقتن کي تسليم ڪري يا نه ڪري، پر پاڪستان جيڪو هاڻ ڪيترن ئي شعبن ۾ مڪمل طور چين تي ڀاڙي ٿو ان کي ان بابت پنهنجي حيثيت واضح ڪرڻ گهرجي. چين ۾ وڌندڙ اجرت سبب پيداواري ڪمپنين آفريڪا ۽ ميڪسيڪو جهڙن سستن علائقن جو رخ ڪري ورتو آهي، ته ڇا چين عالمي سطح تي پنهنجي حيثيت برقرار رکي سگهندو؟ ڇا ناڻي جي شرح ۾ ٿيندڙ گهٽتائي سبب چيني سرمائيڪارن جو پئسو انهن وڏن منصوبن ۾ ڦاسي پوندو جن کي چيني حڪومت شروع ڪيو هو، پاڪستان لاءِ سوال اهو نه آهي ته چينين پنهنجي خواب کي تڪميل تائين پهچايو آهي يا نه پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو چيني خواب خود چين لاءِ به انتهائي وڏو ۽ تمام گهڻو مهانگو ته نه آهي؟

(ڊان جي ٿورن سان)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو