183

پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، ڪروڙين رپين جي ماليت جو چرس هٿ، 4 ڄڻا گرفتار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪوسٽ گارڊز لاڳاپيل ادارن سان گڏ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي منشيات جي 4 اسمگلرن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.ترجمان مطابق منشيات خلاف سخت چيڪنگ دوران پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ گوادر پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي گوادر جي علائقي سٽي هوڙه ۾ منشيات پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ۽ گوادر پوليس مختلف علائقن ۾ جوائنٽ ٽيمون جوڙيون ۽ آپريشن ڪندي سمنڊ ڪناري لوڊنگ دوران 1100 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جو ڪروڙين رپين جي ماليت جو چرس، هڪ هاءِ ليڪس سنگل ڪيبن، هڪ اسپيڊ بوٽ هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو