لاهور (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گئس جا نوان ڪنيڪشن ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق سوئي ناردرن جي ايم ڊي سمورا ارجنٽ ۽ ٻيا ڪنيڪشن جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو، ايم ڊي سوئي ناردرن جي اجازت کانسواءِ ارجنٽ ڪيس تي به ڪنيڪشن ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوان ڪنيڪشن لڳرائڻ لاءِ 15 لک کان وڌيڪ درخواستون ڏنيون ويون آهن. سوئي ناردرن عملدارن نوان ڪنيڪشن لڳائڻ تي پابندي جي تصديق ڪندي چيو ته آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کان وڌيڪ ڪنيڪشنز جي ڪوٽا گهري وئي آهي، جيئن ئي نئين ڪوٽا ملي ته ڪنيڪشن ڏيڻ وارو عمل شروع ڪيو ويندو.
279