اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس آڏو اڻوڻندڙ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙا واقعا افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳا آهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سياست ۾ شائستگي، تحمل، برداشت ۽ رواداري جو ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو. پارليامينٽ ميمبر چونڊيل نمائندا آهن انهن جي عزت سڀني تي لازمي آهي. اسان کي سياست ۾ برداشت، تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. واقعي جي مڪمل انڪوائري ڪرائي ويندي. اهڙي قسم جي واقعن جي تدارڪ لاءِ سياسي قيادت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
171