رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت چئن شهرن ۾ وڌيڪ 6 مسجدون عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب وزارت ملڪ جي چئن مسجدن جي نمازين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ مسجدن کي سينيٽائزنگ لاءِ عارضي طور تي بند ڪيو آهي جن کي حالتون معمول تي اچڻ کانپوءِ ٻيهر کوليو ويندو. وزارت موجب 27 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 224 مسجدن ۾ نمازين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِانهن کي عارضي طور تي بند ڪيو هو جن کي سينيٽائزنگ کانپوءِ ٻيهر کوليو ويو آهي.
234