246

ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽيسٽ سيريز ڪلين سوئيپ ڪنداسين: سين وليمز

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ۽ ڪپتان وليمز چيو آهي ته افغانستان جي ٽيم کي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪنداسين. هن چيو ته افغان ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ ٽيم جا حوصلا بلند ٿيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٽيم ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، ٽيم ۾ اهڙا رانديگر موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت ميچ کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي مشن ڪلپ سوئيپ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ٽيم کي ٽنهي شعبن ۾ 100 سيڪڙو ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. واضع رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ۾ سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ 10 مارچ کان ابوظهبي ۾ شروع ٿيندي. زمبابوي کي سيريز  ۾ 0_1 جي سرسي حاصل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو